13/05/2026
اڄ امام العارفين سيد محمد راشد روضي ڌڻي رحمة الله عليه جي فيضِ برڪت سان هڪ نهايت ئي نوراني ۽ روحاني منظر ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن هڪ معصوم ننڍڙو طالبِ علم، جيڪو حافظِ قرآن به آهي، منهنجي اوطاق تي تشريف آڻي قرآن پاڪ جي تلاوت فرمائي۔
سندس معصوميت سان ڀريل آواز ۾ ڪيل تلاوت ايتري ته دل کي ڇُهندڙ هئي، جو ٻڌڻ سان دل کي سڪون ۽ روح کي تازگي ملي وئي۔ واقعي اهو آواز معصوميت، ادب ۽ قرآن پاڪ سان محبت جو خوبصورت اظهار هو۔
درگاهه شريف جي فيض ۽ برڪت جي خوشبو هر طرف محسوس ٿي رهي هئي۔
سڀني احبابن کي گذارش آهي ته هي وڊيو ضرور ٻڌن ۽ هن ننڍڙي حافظِ قرآن جي پاڪيزه ۽ معصوم آواز مان لطف اندوز ٿين، ۽ دعا ڪن ته الله پاڪ کيس وڌيڪ علم ۽ عمل ۾ ترقي عطا فرمائي۔
الله پاڪ درگاهه راشديه جي هن فيض کي قيامت تائين جاري و ساري فرمائي، پير سائين سردار جن کي صحت، سلامتي، ڊگهي عمر ۽ هر قسم جي خير و برڪت عطا فرمائي، ۽ سندن سموري جماعت کي هميشه شاد و آباد رکي، آمين۔
جامع راشديه کي علم، عمل ۽ ترقي ۾ بلند مقام عطا فرمائي، ۽ جامع راشديه جي سڀني استاد ڪرام کي صحت، عافيت ۽ ڊگهي حياتي عطا فرمائي، آمين۔