APNA tando jam

APNA tando jam TANDO Jam

26/05/2026

ٽنڊوڄام
ناڪي اسٽاپ وٽ حيدرآباد ميرپورخاص روڊ تي حادثو
تيز رفتار ٽرالر 12 ورھين جي نينگر کي چيڀاٽي ڇڏيو،

نينگر فوت لاش ھليٿ سينٽر منتقل، سڃاڻپ نہ ٿي سگھي

پوليس ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو.

21/05/2026

ڄامشورو : ڪوٽري ۾ ٻوھارو نه ڏيڻ تان ساھرن ناري ءَ جي مبينا طور تي زبان ڪپي ڇڏي ناري جون ڌانھون سوشل ميڊيا تي وائرل ظلم جي انتھا
#ٽنڊوڄام

18/05/2026

ٽنڊوڄام زرعي يونيورسٽي جي شاگردن کان يونيورسٽي ھارٽيڪلچر مان ھٿياربندن پاران ڦر، فائرنگ ۾ 3 شاگرد زخمي.
سيڪيورٽي گارڊ جي موجودگي ۾ ھٿياربندن جي فائرنگ سبب بندوق جا ڇرا لڳڻ سبب 3 شاگرد زخمي ٿي پيا.

شاگردن مٿان حملي ۽ ڦر واقعي جو اطلاع ملڻ تي زرعي يونيورسٽي جي شاگردن جي وڏي انگ وائيس چانسلر سيڪريٽريٽ آڏو ڌرڻو ھڻي ڇڏيو. جوابدارن جي گرفتاري جي گھر.
#ٽنڊوڄام APNA tando jam

15/05/2026

ٽنڊوجام اسسٽنٽ ڪمشنر تعلقي حيدرآباد ٻھراڙي گوھر مسرور “کليل ڪچهري” جي نالي تي بند ڪمرن اندر نمائشي گڏجاڻي ڪرڻ عوام سان مذاق آهي۔
نه عوام کي اطلاع، نه سول سوسائٽي کي آگاهي، ۽ نه ئي عوامي نمائندن کي شامل ڪيو ويو۔

رڳو من پسند ماڻهن کي گهرائي فوٽو سيشن ڪرڻ سان شهر جا مسئلا حل نٿا ٿين۔
ٽنڊوجام جي عوام کي صاف پاڻي، صفائي، روڊن ۽ بنيادي سهولتن جي ضرورت آهي، نه نمائشي ميٽنگن جي۔

جيڪڏهن ڪچهري واقعي کليل هئي، ته پوءِ دروازا بند ڇو هئا؟
#ٽنڊوڄام

14/05/2026

ٽنڊو ڄام :
ٽنڊوڄام ڀرسان ڳوٺ هادي بخش ڪليري ۾ اوچتو لڳل باهه وڏي تباهي مچائي ڇڏي۔ باهه سبب تقريباً 12 گهر سڙي ويا، جڏهن ته هڪ نوجوان باهه وسائڻ دوران سخت زخمي ٿي پيو۔
واقعي جي اطلاع تي Rescue 1122 ۽ OGDCL جي KPD-TAY فائر بريگيڊز فوري طور موقعي تي پهتيون۔ ٽن ڪلاڪن جي مسلسل ڪوششن کان پوءِ باهه تي مڪمل ضابطو آندو ويو۔
باهه سبب ڪيترائي خاندان متاثر.
#ٽنڊوڄام

08/05/2026

ٽنڊوڄام
نامعلوم چور مين ورڪشاپ اسٽاپ وٽان فيض محمد بلوچ جي نئين CD موٽرسائيڪل چوري ڪري ويا.
ٽنڊو ڄام پوليس امن برقرار رکڻ ۾ ناڪام

ٽنڊوڄام: شادي تقريب دوران خوشي ۾ فائرنگ، گولي لڳڻ  سبب 32 ورھين جو نوجوان زخمي. ٽنڊوڄام واسي راحيل راجپوت زخمي تي پيو.زخ...
08/05/2026

ٽنڊوڄام: شادي تقريب دوران خوشي ۾ فائرنگ، گولي لڳڻ سبب 32 ورھين جو نوجوان زخمي.

ٽنڊوڄام واسي راحيل راجپوت زخمي تي پيو.

زخمي نوجوان کي ٽنڊوڄام اسپتال مان فوري طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو.
APNA tando jam #ٽنڊوڄام

05/05/2026

ٽنڊوڄام جي ويجھو کيسانا موري وٽ روھڙي ڪئنال ۾ قبي واسي آمبو ڪولھي ٻڏي ويو وارثن پاران آبپاشي عملي خلاف احتجاج
#ٽنڊوڄام

05/05/2026

ھاڻي ڪابه خبر نيوز اپڊيٽ ھجي اوھان ميسيج ڪري ٻدايو اوھان جو مسئلو ھن پيج تي رکيو ويندؤ ۽ ڀرپور تعاون ڪيو ويندو
ٽنڊوڄام

04/05/2026

ٽنڊوڄام ۾ منشيات ته بند ڪونه ٿي بلڪه ريٽ ڪجھ وڌايو ويو آھي ٻئي طرف بدامنيءَ ۾ پھرين نمبر تي ٽنڊوڄام شھر اچي ويو
عوام پريشان پوليس ننڊ سُتل

Address

Tando Jam
70050

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when APNA tando jam posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category