17/12/2023
ميان قائم الدين فقيرشر
ميان قائم الدين فقير: ميان قائم الدين فقير ولد مينگهو فقير شر، هي مينگهي فقير جو ٻيو نمبر پٽو هو.عربي ۽ فارسي پڙهيل هو. پيءُ جي صحبت ۾ شعر چيائين. سنڌي، سرائڪي، اردو ۽ فارسي ۾ شعر چيو اٿس. پنهنجي وقت جو وڏو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ’ڪافيون‘ ۾ ڄاڻايو آهي ته ميان قائم الدين دستاربند عالم، سٺو طبيب ۽ درويش فقير هو. فقير غلام حيدر شر جي رسالي ۾ سندس 10 ڪافيون ڇپيل آهن. هن 1335هه/1906ع کان اڳ ۾ وفات ڪئي.
واهه واهه نينگر تيڏي ياري، تيڏي ياري بره بهاري،
ملي يار ٿيوي بهاري، مئن صدق صدق بلهاري،
ماءُ داڻي جو عذر ڏتوئي، هستي بات بره دي باري،
پتُر جام جلال پيتوئي، هستي بات برهه دي باري،
جيوين نال حلاج هلايئي، شاهه شمس دي کلڙي کلايئي.
الف آ افلاڪ ’انّا فَتۡحَنا‘ جو فرمان علي،
اِنّما اَڪبر اَڪابر اَطهر و انور، علي.
بي آهي باطن بقا جو بوالحسن باب العلم،
بدر بربر ۾ بهادر بيمثل برتر علي.
تي ڪيو تابع تمامي تخت تهور بوتراب،
تر ڪيو تاراج طبرستان جو تڪر علي.
ثي ڪرڻ ثابت ثنا ثلقين ۾ آهي ثواب،
ثاقب نجم نبوّت جو ثاني پيغمبر علي.
جيم جانب جيءَ جائي مصطفيٰ جو مرتضيٰ،
جنهن جِهو ٻيو ناهه جڳ ۾ ڪيو خدا جابر علي.
حي حبيب الله حيدر دين حفاظت دين جي،
حب تنهن حبل المتين حامي حشر حاضر علي.
خي آهي خوشنود خوشتر خاص وٽ خيرالبشر،
خوب تر خالق اڳيان خورشيد دين خاور علي.
دال دلگيرن جو داور دائما دارين ۾،
دادگر داناءُ دريا دينِ حق دفتر علي.
ذال ذواِلۡجُود ذاڪر ذوالعليٰ وٽ ذوالجلال،
ذُوالعِزّ و ذوالعلم آ ذات حق ذاڪر علي.
ري رباني رمز روحڪ روح روحي مصطفيٰ،
رحم ڪندڙ رهنما آ راه حق رهبر علي.
زي ڪفر زنّار توڙي زبر سان ڪيئين زيردست،
زال، رستم کان زياده زور زوراور علي.
سين آ سالار سيّد مومنن سڀني سندو،
سلطنت منبر جو سائين ساقيِ ڪوثر علي.
شين آ شمس الضحيٰ بابا سندو شبّر شبير،
شہ نجف، شيرِ خدا، آ منجهه شجاع شاطر علي.
صاد صاحب صف شڪن صفدر صداقت جو ڌڻي،
صبح صادق دين جو صوبو صفي صابر علي.
ضاد ڪيئن ضيع ضلالت ضرب سان اهِل ضلال،
ضبر ضارب تيغ سان مضطر ڪيا ڪافر علي.
طوئي ڪئي ’طٰہ‘ڌڻي طغيان جي طاقت تمام،
طبع طلعت پاڪ طينت طيّب و طاهر علي.
ظوئي ظهورو ”ظلّ سبحان الذيّ اسريٰ“ سندو،
ظلم و ظلمت، جهل و ظالم ويا، ٿيو ظاهر علي.
عين عالم علم جو عربي جو عمزاده علي،
عيب پوش عالم امت عاصين اڙين اَڌر علي.
غيب آ غمخوار پيغمبر جو غالب عضنفر،
منجهھ غزا غازي ڪيو غلبو ڪفر باهر علي.
في فتح فتاح ڏنہ فيّاض فائق کي ملي،
فيض فائق فتحياتي بخر حق مفخر علي.
قاف قرآن قرب قابل جو قدر مقدور آهه،
قبلہۡ عالم قبا قربت قرين قادر علي.
ڪاف جرئت ڪفر ڪافر جي ڪڍي ڪيهر ڪرام،
ڪرم درياءَ ۽ ڪرامت جو ڪڪر مڪرر علي.
لام آ لڄ پال لائق لَمٗ يَزلۡ جو لاڏلو،