Danbhario Sindh Pakistan

Danbhario Sindh Pakistan its Photography & Memorable Events,Trips and Another Activities �
Village Lacated at Nagarparkar Sindh
Pakistan

25/08/2024

26/27 ۽ 28 آگسٽ
تي سنڌ جي ڏکڻ اوڀر لاڙ ساحلي پٽي ۾ برسات جون سرگرميون عروج تي رھنديون سائين پنھنجو پنھنجي پيارن جو خيال رکجو

10/08/2024

پوري سنڌ ۾ موبائيل نيٽورڪ لاء پريشان
ڪافي وقت کان ھن مسئلي لاء سوشل ميڊيا تي لکون پيا پر ڪو بہ فرق نه ٿيو،
اڄ کان باقائدا ھن پوسٽ کي ٽرينڊ سمجهي سڀ دوست شيئر ڪن،
حالت اها آھي جو ڊپليڪٽ سم 500 روپيه، سم بند ڪرائڻ جي فيس 200 روپيه، سم بند ڪرائڻ لاء ھيڊ آفس وڃو،
لوڊ گهٽ ۾ گهٽ 100 روپيه، بيلنس چيڪ جي به فيس، ھيلپ لائن تي ڳالهائڻ جي به به فيس، صبح سان بيلنس رکون شام جو غائب ٿيو وڃي،
پئيڪيجن جا نمونا ھزارين
۽ جڏهن ڳالهائڻ لاء موبائل استعمال ڪريون ته
نيٽورڪ ڪونهي، نيٽورڪ اچڻ کانپوء ڪال ڪنينڪٽ نٿي ٿئي، جي ڪنيڪٽ ٿي وئي ته به آواز نه ايندو آھي،
انٽرنيٽ اھڙو جو واٽس اپ ئي نٿو ھلي،
ٽيلينور، موبلنڪ ،زونگ يو فون سڀني جو حال ساڳيو
پاڪستان ٽيليڪميونيڪشن اسان جو ھي مسئلو حل ڪري
يا پنهنجا ٽاور پٽرائي وڃي
سڀني دوستن کي گهرجي هن مسئلي کي هائي پروفائل ڪرايو جئين هن ڏچي مان جان ڇٽي هر دوست هن پوسٽ کي پنهنجي علائقي سان ايڊٽ ڪري رکي.

((((خصوصن ٿر وارن دوستن لاء کنوڻ ڪرڻ جا سبب ۽ بچڻ لاءِ حل))✅ کينوڻ انگريزي ۾ Lightening پڻ چئبو آهي ▪▪اهو هڪ فطرت جو عمل...
17/05/2024

((((خصوصن ٿر وارن دوستن لاء کنوڻ ڪرڻ جا سبب ۽ بچڻ لاءِ حل))
✅ کينوڻ انگريزي ۾ Lightening پڻ چئبو آهي ▪
▪اهو هڪ فطرت جو عمل آهي انهي عمل جي ٿيڻ سان ۽ زمين تي ڪرڻ سان ڌرتي تي نقصان ٿين ٿا انهن نقصانن کان ڪنھن حد تائين بچڻ يا گھٽائڻ لاءِ سائنس مختلف اوزار ايجاد ڪيا آهن ▪
▪اڄ انهي سڄي معاملي جي مشڪلاتن ۽ انهي خطرناڪ فطري عمل کان زندگي بچائڻ وارن اپائن تي مختصر ڳالهائينداسين ▪
▪بنيادي وجھ ▪
▪سمنڊن مان پاڻي ٻاڦ جي شڪل ۾ مٿي وڃي ٿو هوا جي ذريعي پاڻي مٿي وڃي ٿو انهي کي سائنس ٻاڦ بڻجڻ Evaporation چئي ٿي▪
▪ زمين کان جيئن مٿي وڃون ٿا گرمي پد گهٽجي ٿو ۽ اها ٻاڦ مٿي ٿڌڪار جي ڪري پاڻي جي قطرن ۽ برف جي باريڪ ڪرسٽلس ۾ بدلجي وڃي ٿي انھيءَ عمل کي سائنس ڪنڊينزيشن جو عمل سڏي ٿي پاڻي ۽ برف جا ذرڙا گڏجي آسمان ۾ جيڪو جسم ٺاهين ٿا انهيءَ کي بادل يا ڪڪر Cloud سڏجي ٿو ▪
▪بادلن جا به مختلف قسم آهن جن ۾
Cumulus

Cumulonimbus

Mamma Tus

Stratocumulus

Altocumulus

Altostratus

Cirrocumulus
شامل آھن ▪
▪انهن جون الڳ الڳ خاصيتون آهن ڪي صفا وڏا ڪي ننڍا ڪي هيٺ هلن ٿا ڪي وچولا هوندا آهن تن ۾ ڪي زمين کان مٿي ھوندا آھن ڪي وري ويجھا ھلندا آھن انهن جي الڳ الڳ شڪلين خاصيتن عملن جي ٺهڻ جو دارومدار وري هوائن گرمي پد ۽ دٻاءُ تي آهي هي جيڪي ڪڪر ٺهن ٿا ڌرتي جي چوڌاري گهمن ٿا وري جڏھن گرمي پد وڌي ٿو ۽ گھٽ پريشر ٻوسٽ وارو ماحول ٺھي ٿو تہ بادل وسن ٿا گرمي پد ۽ دٻاءُ جي گهٽ وڌائي تي جيڪو سڄو نظام هلي ٿو اهو آهي ڪلائيميٽ چينج Climet Change جنهن ۾ تمام وڏي تبديلي آئي آهي انهي جو مکيه سبب اسان جون ڌرتي تي مختلف ڪاروايون آهن جيڪي ماڻهو ناڻي جي بُک ۽ پنهنجي سهولتن لاء ڪري ٿو ▪
▪جيڪي کنوڻيون ٺهن ٿيون اهو پاڻ سولي سنڌي ۾ سمجهنداسين ڪڪرن ۾ واڌو ۽ ڪاٽو چارجز هونديون آهن مٿئين پاسي واڌو ۽ هيٺين پاسي ڪاٽو چارجز هونديون آهن ڌرتي واڌو چارجن وارو بهترين جسم آهي کنوڻ کي واڌو چارج کپي پوءِ انهي کي ميڊيم ملندو آهي جنهن ذريعي اھا ڌرتي ڏانهن ڪرندي آهي انهي کي کينوڻ ڪرڻ وارو عمل چوندا آهيون ▪
▪وڄ جا مکيہ ٻہ قسم آھن ھڪڙي cloud to cloud lightning بادل کان بادل تائين کنوڻ ۽ ٻئي cloud to ground or earth lightning بادل کان ڌرتي تائين کنوڻ آھي ▪
▪بادل کان بادل تائين واري ڪڪرن ۾ ئي ختم ٿيندي آھي باقي بادل کان ڌرتي تائين واري ھيٺ ايندي آھي جنھن کي lightning striking سڏبو آھي انھيءَ کي ٿر جا ماڻھو ڍاٽڪي ۾ نُگري سڏيندا آھن اها جڏهن ڪرندي آهي تڏهن انهيءَ کي جيڪا سڀ کان پهرين ۽ سولي شي واڌو چارج ملندي آهي تقريبن 60 هزار ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ايندي آهي ۽ اها واپس ڪانهي ويندي اها زمين تي ئي ختم ٿيندي آهي ها هڪ کان وڌيڪ دفعا ڪرندي آهي▪ ▪سائنسدانن مطابق کنوڻيون وڌيڪ ڪرڻ جو سبب گرمي پد جو وڌڻ آهي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ کنوڻيون وينزوويلا Venezuela ۾ ڪرن ٿيون ان ملڪ ۾ جڏهن برساتون پونديون آهن هڪ منٽ ۾ سراسري 40 کنوڻيون ڪرنديون آهن پر هو ملڪ عظيم انقلابي هوگو شاوويز جو ملڪ آهي اتي سرڪار سرج اريسٽر کنوڻون جهٽيندڙ راڊون لڳائي ڏنيون ھونديون ۽ ٻيو تہ ماڻھن ۾ خريد جي سگھ ھوندي ھتي اٽي لاءِ خودڪشيون پيون ٿين ▪
▪ڌرتي تي گرمي پد ڏيڍ ڊگري 1.5 وڌيو آهي انهي جو سبب ماحوليات دشمن سرگرميون آهن انهي ۾ ڪو شڪ ناهي▪
▪ پوري دنيا ۾ جڏھن ماحولي جدوجهد هلندي تڏهن وڃي انهي مسئلي جو وڏي سطح تي ڪو حل نڪري سگهندو
▪ھڪڙي ڳالھ ذھن ۾ پھرين رکون تہ اھي کنوڻيون اڳ ۾ بہ ڪرنديون ھيون پر گھڻيون خبرون اسان تائين نہ پڄنديون ھيون سڄي دنيا جون خبرون موبائيل اسڪرين جي ھڪڙي ٽچ تي آھن تنھن ڪري بہ ماڻھو وڌيڪ پريشان ۽ خوف ۾ آھن توڙي جو کنوڻين ڪرڻ وارو عمل نسبتن پوري دنيا ۾ وڌيو آھي دنيا ۾ جتي به گجگوڙ ٺهي ٿي اتي کنوڻيون ايئن جون ايئن ڪرن ٿيون▪
▪ ٿر ۾ رڳو ڪوئلي جي ڪري ڪرن پيون. انھيءَ جو ڪو سائنسي منطق ڪونهي ها باقي دنيا ۾ ڪول مائيننگ سخت ماحول دشمن سرگرمي آهي سڄي دنيا جي ماحول دشمن سرگرمي ۾ انھي جو حصو آھي باقي کنوڻيون صرف ڪوئلي واري علائقي ۾ ڪرن ٿيون اها ڳالھ بلڪل غلط آهي هينئر جيڪي کنوڻيون ڪريون آهن ڦلاڻو ڳوٺ ڏيپلي کي ويجهو آهي مٺڙيو ڇاڇري ڏانهن آهي ننگرپارڪر ۾ به ڪريون آهن بلڪل تيئن اسلام ڪوٽ ۾ پڻ کينوڻ ڪري آهي ▪
▪بنگالي هندي ۽ عربي سمنڊن جي برساتي ھوا جو ٽڪراءُ ٿيندو آهي انهن سلسلن جو مکيه رستو بنگال کان ٿيندو ٿر جي پرئين پاسي کان آهي جيڪو ڪڇ کان ٿيندو عربي سمنڊ ڏانهن ويندو آھي▪
▪ هڪڙو سبب ھي پڻ آهي ته ٿر کان ڪڇ جي رڻ واري ڪنڌي تان ‘ٿنڊر’ جام لنگهندا آهن ٿنڊر مکيه برساتي سلسلن يا طوفانن کان يا اڳ ۾ هوندا آهن يا پٺيان هوندا آهن جنهن کي انهي طوفان جون آئوٽر رنگس Outer Risk سڏبو آهي وڌيڪ کنوڻيون ڪرڻ جو هڪ اهو سبب آهي ٻيو ته ٿر سڄي کالي پئي آهي جيڪا به کنوڻ ٺهي ٿي سا سڌي هيٺ ڪري ٿي عمارتون گهٽ آهن ڀٽون پيون آهن وڏا وڻ زمانن جا پراڻا پيا آهن ساڙڻ به سولا پوءِ بس دير ئي ڪانہ ٿي ٿئي مسئلو هي آهي ته ٿر وٽ ماڻهو توڙي مال وڃي وڻن هيٺان پناه وٺندو آهي حالانڪ اها پناهہ گاهہ هوندي ناهي ٻيو ته ٿر وٽ سراسري 5 سيڪڙو ماڻهن وٽ پڪا گهر آهن باقي آهن ڪچا گهر يا لانڍيون ۽ چونرا جيڪي کينوڻ ڪرڻ جي سٽ نه سھي سگهندا آهن کپن وچان سڌي هلي وڃي پوءِ جاندار شيءِ کي اها ساڙيو ڇڏي مشاھدو ۽ تجربو ٻڌائي ٿو ٿر ۾ مال تي کينوڻ وڌيڪ ڪري ٿي خاص ڪري ٻڪرين ڍڳين ۽ اٺن تي ھاڻي اھڙا واقعا بہ ٿين ٿا تہ ھلندڙ موبائيلن کي بہ ٽارگيٽ ڪري ٿي ھڪ تہ جسم کي لڳي ٿي تہ ماري ٿي گھڻا ماڻھو ڊپ ۾ بہ مريو وڃن ▪
▪ھڪڙي ڳالھ سمجھي ڇڏجي تہ ماڻھو بچي بہ ويندا آھن آمريڪن راءِ سينڊون ھمراھ تي ست دفعا کنوڻ ڪري پر بچي ويو انھي جو مشھور ڪتاب گنيز بُڪ ۾ نالو آھي ٻيو تہ اھو دليل نہ ڏجي تہ ڪمرو ڪيئن بچائيندو کينوڻ طاقتور آھي دراصل انھي کي سولو ارٿ مليو تہ اھا ختم ٿي ويندي انھي جو مثال ھي آھي تہ ارٿ راڊ تہ تباھ ٿئي ئي ڪانہ ٿي ھزارين کنوڻيون ڪرن ٿيون انھن کي کايو وڃي تنھن ڪري ٿورو سائنس تي اعتبار ڪريو ۽ کنوڻ جي اصليت کي سمجھو انھيءَ جي منزل آھي ارٿ ان کي اوستائين رسايو ھزارن مان ڪو ھڪڙو واقعو ھوندو جو ڪمري کي تباھ ڪيو ھوندو باقي بچي ويندا آھن تہ پوءِ اسين 99 سيڪڙو بچاءُ واري پاسي ٿي ڪمري جي اندر وڃين ويھون ▪
▪وڏن شهرن ۾ کنوڻون جيڪي به ڪرن ٿيون اهي لائيٽننگ اريسٽر راڊون جهٽيو وٺن تقريبن پوليس واپڊا هائوسز ايف ايم ريڊيو اسٽيشنس بلڊنگن اسپتالن ۽ آفيسن تي لڳل آهن تڏهن وڏو نقصان نه ٿو ٿئي انهن سڀني مسئلن جو حل آهي لائيٽننگ اريسٽر راڊ کنوڻون ڪرنديون رهنديون انهن کي روڪي نٿو سگهجي صرف صحيح رستو ڏئي سگهجي ٿو اهو آهي سرج اريسٽر سڄي دنيا ۾ انهي جو اهو ئي حل آهي سرڪار کي اھي لڳائڻ کپن هڪڙي راڊ مارڪيٽ ۾ لڳ ڀڳ 14000 تائين ملي پئي ٻڌي ۾ 10 هزار تائين ملندي جيڪڏهن 10 هزار راڊون وٺجن 10 هزار راڊون هر هڪ ڳوٺ ۾ چار راڊون لڳائين تڏهن به 2500 ڳوٺن جو بچاءُ ٿي ويندو 10 هزار راڊن جو ٽوٽل خرچ آهي 10 ڪروڙ سرڪار لاءِ 10 ڪروڙ ڪهڙي وڏي ڳاله آهي؟ 2 هزار ميگا واٽ بجلي جو سي ايس آر هڪ مهيني جو 10 ڪروڙ کان مٿي آهي تنهنڪري سڀئي گڏجي آواز اٿاريو اسان جو ساٿ ڏيو ته پاڻ سرڪار کان اهو ڪم وٺون ۽ نڌڻڪا ٿي مرندڙ ماڻهو ۽ مال بچايون ▪
▪آخر ۾ جي زندگي پياري آھي تہ بنا خرچ جي کينوڻ کان بچڻ لاءِ وقت ھنن تجويزن تي عمل ڪريو
▪اڪيلن وڻن ھيٺان نہ بيھو
▪پاڻي جي تلائن تراين يا ڍورن کان پري نڪري وڃو
▪کنوڻ ڪرڻ وقت ڪوشش ڪري پڪي جاءِ ۾ رھو ▪پنھنجي نہ ھجي تہ پاسي واري ڪنھن وٽ وڃو آخري ▪کنوڻ جي ڪرڻ واري ٺڪاءَ کان اڌ ڪلاڪ پوءِ ٻاھر نڪرو
▪صفا ويجھي ڪا جاءِ ناھي تہ ھيٺ ويھي مٿي تان ٻانھون ڍڪي ڪنن ۾ اڱريون ھڻي بال وانگر ويڙھجي وڃو
▪سفر دوران ڪار ريل يا بس اندر ئي رھو
▪ڪي بہ بجلي وارا يا اليڪٽرانڪ آلات استعمال نہ ڪريو
▪بجلي جون تارون جيڪي ھيٺ لڙڪيل آھن انھن کان پري رھو ▪
چوپائي مال کان پري رھو ▪
▪ٿي سگھي شيئر ر ڪري ڇڏجو ▪
▪منھنجو مقصد ھوندو آھي سنڌ وارن پيارن تائين سڌي ۽ ڪارائتي ڄاڻ پھچايان جيئن ڪنھن لاء ڄاڻ ۾ اضافو ۽ احتياطي اپا۽ ورتا وڃن ▪

محسن علي

16/05/2024

سولر پلیٹوں کی کم ہوتی قیمتوں سے مافیا بہت پریشان تھا کہ کس طرح سے قیمتوں کو بڑھایا جا سکے کیوں کے چائنا سے سولر پلیٹیں بھی دھڑا دھڑ مارکیٹ میں آ رہی ہیں اور ریٹ بھی مزید کم ہو رہے تھے تو مافیا نے اب مل کر فلحال پلیٹیں سٹاک کر لی ہیں اور بیچنا بند کر دی ہیں جان بوجھ کر تاکہ ریٹ بڑھ جائے اور یہ لوگ زیادہ دن تک سٹاک بھی نہیں کر سکتے کیونکہ چائنا سے مال بہت آ رہا ہے یہ لوگ رکھ نہیں سکتے لہذا جیسے ان مافیا نے اکٹھے گڑھ جوڑ لیا ہے ویسے عوام کو بھی چاہے کہ 10, 15 دن پلیٹوں کی خریداری بند کر دیں تو سولر کے ریٹ زمین بوس ہو جائیں گے۔ عوام سے درخواست ہے کہ 15 مئی-2024 سے لے کر 30 مئی2024 تک سولر پلیٹوں کا بائکاٹ کریں تو سولر پلیٹ کی قیمت مزید کم ترین سطح پر آ جائیں گی۔

10/04/2024

سڀني مسلمان ڀائرن کي دل جي گھراين سان دلي عيد مبارڪ، شال سدائين سُکيا ستابا رَھو.

مدد جي اپيل منهنجي سئوٽ لجپت ۔جي گهر واري گذريل ڪيترين ئي ڏينهن کان ٽنگ ۾ انفيڪشن هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊمٽ آه...
15/03/2024

مدد جي اپيل

منهنجي سئوٽ لجپت ۔جي
گهر واري گذريل ڪيترين ئي
ڏينهن کان ٽنگ ۾ انفيڪشن هجڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ۾ ايڊمٽ آهي ٽنگ جو آپريشن ٿي ويو آ پر اڃان تائين ڪوئي رڪوري ناهي ٿي آهي

جنهنڪري ڪو دوست مدد ڪرڻ چاهي ته هيٺ ڏنل نمبر تي رابطو ڪري مهرباني.👏
Lajpat rai s/o beejal
contact No . 03440028579
ravi shanker
Eassy pasia No
03403452102

Don't underestimate the power of Afghanis.💪Really they're deserve for semi's.
07/11/2023

Don't underestimate the power of Afghanis.💪
Really they're deserve for semi's.

Remember the name "Glenn Maxwell"... what an incredible innings he played...!!🔥😱👏👌
25/10/2023

Remember the name "Glenn Maxwell"... what an incredible innings he played...!!🔥😱👏👌

ننگرپارڪر تعلقي جي سڀني   پي ايس ٽي استادن کي  آفر آڊر ملڻ جون کوڙ  مبارڪون .اسپيشلي ننڍي ڀاءُ گيانچند جئپال کي.
17/07/2023

ننگرپارڪر تعلقي جي سڀني پي ايس ٽي استادن کي
آفر آڊر ملڻ جون کوڙ مبارڪون .
اسپيشلي ننڍي ڀاءُ گيانچند جئپال کي.

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard!Hafiz Sattar Rahimmon, Aziz Ramen, Liaquat Ali Fazlani, Im...
12/07/2023

Shout out to my newest followers! Excited to have you onboard!

Hafiz Sattar Rahimmon, Aziz Ramen, Liaquat Ali Fazlani, Imam Ali SaMejo, Amanallah Rajar, Muhammad Yaseen, Qudratullah Balouch, Khadim Mari, Narendar Singh Sodha, Jetmal Singh, Dildar Ali

Address

Village Danbhario U/C Misri Shah Nagarparkar Tharparkar @Mithi
Nagar Parkar
69260

Telephone

+923473006692

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Danbhario Sindh Pakistan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Danbhario Sindh Pakistan:

Share