سنڌ جا قديم ماڳ

سنڌ جا قديم ماڳ اچو سڀ گڏجي ڪري قديم ماڳن جي مالڪي ڪريون..

آمي ڪڙمون هڪ تاريخي ڪردرارسنڌ ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن املهه  ڪردارن کي جنم ڏنو  آهي جن پنهنجي زندگي قوم ۽ عوام کي ارپي ڇڏي. ا...
22/08/2026

آمي ڪڙمون هڪ تاريخي ڪردرار
سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي اهڙن املهه ڪردارن کي جنم ڏنو آهي جن پنهنجي زندگي قوم ۽ عوام کي ارپي ڇڏي. انهن، جاکوڙي ڪردارن نه صرف قوم پر انسان ذات جي خدمتن ۾ وسان نه گهٽايو. پنهنجي گهر سان گڏ تر سنوارڻ کي عمر ڏني. انھن جاکوڙي ڪردار ۽ عوام کي زندگي ارپيندڙ محنت ڪش امڙ آمي جو امر ڪردار پڻ آهي. ساحلي پٽي جي تعلقي ڪيٽي بندر جي مرڪزي شھر ٻگھاڻ محمد جمن ڪڙمون جي گھر 1956 ۾ جنم ورتو، امڙ آمي ڪڙمون جو نالو تاريخ ڪڏهن به فراموش ڪري نه سگهندي جنهن جي جدوجهد ۽ لازوال سياسي سماجي خدمتون تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ آهن. مرداڻي معاشري ۾ هڪ عورت جو ڪردار نه صرف عورت جي عظمت کي ظاهر ڪري ٿو پر اهو پيغام به آهي ته عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي.
امڙ آمي ڪڙمون جو جنم ٻگھاڻ شھر ۾ ھڪ غريب گھراڻي ۾ ٿيو سندس والد محمد جمن صاحب ھڪ سياسي سماجي ڪارڪن هو. پوري ڄمار سماج سڌارڪ ڪمن ۾ گهاريائين. هن جون سدائين اٻوجھ، بي پھچ ۽ بي سھارا ماڻهن لاءِ ڪاوشون ھونديون ھيون. امڙ آمي ڪڙمون سان سندس والد جو رَوَيو ۽ساٿ تمام سٺو ۽ بھترين رھيو. سندس ڀرپور سکيا ڪيائين. جڏهن امڙ آمي ڪڙمون جو والد صاحب ڪنهن سماجي ڪمن ۾ الجھيل نظر ايندو هو تڏهن امڙ آمي کان صلاح مشورو ڪرڻ مناسب سمجھندو ھو. امڙ آمي ننڍپڻ کان ھڪ ذھين بااخلاق عورت ۽ اوڙي پاڙي جو لحاظ ڪندڙ ھئي. سندس والد پنهنجي نياڻي ۾ انساني ھمدري، ٻين لاءِ جيئڻ جھڙو جذبو ڏسي سماج ۽ سماجي خدمتن جون واڳون سنڀالڻ لاءِ کيس رضامند ڪيو. امڙ آمي پنهنجي والد صاحب جي ان فيصلي کي لبيڪ ڪندي عوام خدمت جو جذبو کڻي سماجي ڪمن سان گڏوگڏ سياسي سرگرمين کي به اوليت ڏني. پنهنجي شھرن، ڳوٺن، ۽ ساحلي پٽي جي پٺتي پيل غريب عوام جي مسئلن تي لکڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪيو. سندس رات ڏينهن جي محنتن ۽ ڪاوشن سان کيس سٺي موٽ ملي ۽ عزت، مان مرتبو ۽ شھريت ماڻيائين. ھڪ عورت ٿي ڪري ايترو ته سياسي سرگرمين کي اڳتي کڻي آئي جو ائين کڻي چئجي ته ساحلي پٽي جو ڪو مرد به نه کڻي آيو ھوندو. سندس سماجي ڪمن ۾ ادا ڪيل ڪردار بي مثال رهيو. اگر سندس سماجي ڪمن جا انگ اکر گڏ ڪجن ته شايد ھڪ ڪتاب جيترو مواد گڏ ٿي يندو . سندس سياسي سرگرمين ۾ ساحلي پٽي ڪيٽي بندرٻگھاڻ جي ڪافي حد تائين عوام کي سڄاڳي فراهم ڪئي. جڏهن سندس در تي آڌي مانجھي ڪو به مسئلو ايندو ھو ته ھو بنا لالچ لوڀ جي ان مسئلي کي پنھنجو مسئلو سمجهي پيرين اگھاڙي به نڪري پوندي هئي. بي پھچ مسڪين ماڻهن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ھڪ انساني جذبو رکندڙ هئي. جڏهن ڪنهن مجبوري سبب کيس مالي مدد لاءِ چيو ويندو هو تڏهن به پنهنجي هڙان وڙان ۽ وس آھر مالي مدد به ڪندي هئي، بي واھن عورتن جي مدد انھن جي اولاد لاءِ ڪجهه سھائتا ڪرڻ ۾ به سندس امر ڪردار جو نصب العين رھيو. اڄ ڪلھ ڪيٽي بندر ٻگھاڻ جي حالت ڏسجي ٿي ته ماضيءَ واري ڪيٽي بندر ٻگھاڻ ۾ امڙ آمي ڪڙمون جون خدمتون ياد اچن ٿيون، ھڪ عورت ٿي ڪري، مردن جي ڀيٽ ۾ چونڊيل نمائندن کان به پنھنجي حق گھرڻ جي جرئت رکندڙ بيباڪ ڪردار هئي. هر ڪاموري ڪڙي آڏو بي خوف بلندر ڪندڙ بهادر عورت هئي. سندس بهادري آڏو خائف رهندا هئا. هن امر.۽ لازوال ڪردار 21 آگسٽ 2018ع تي دم ڌڻي حوالي ڪري پنهنجو نالو تاريخ ۾ درج ته ڪيو پر سندس وڇوڙو هڪ خال پيدا ڪري ويو آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرڻو ناهي. اسان جي امڙ آمي ڪڙمون ته لوڪ پڌاريو پر اڄ به سندس خدمتون مرڻيون ناھن. پنهنجي اعلي ڪردار وسيلي تاريخ جي دل ۾ ڌڙڪندي رهندي.

ميرپور ساڪرو: سنڌ جي تاريخ جو زنده بابسنڌ جي تاريخي شهرن ۾ ميرپور ساڪرو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو پنهنجي قدامت، روحانيت ۽ ث...
26/12/2025

ميرپور ساڪرو: سنڌ جي تاريخ جو زنده باب

سنڌ جي تاريخي شهرن ۾ ميرپور ساڪرو هڪ اهڙو نالو آهي، جيڪو پنهنجي قدامت، روحانيت ۽ ثقافتي اهميت سبب نمايان حيثيت رکي ٿو. ضلعي ٺٽي ۾ واقع هي شهر رڳو جاگرافيائي لحاظ کان ئي اهم ناهي، پر تاريخي، مذهبي ۽ سماجي پس منظر ۾ به سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم حوالو آهي.
ميرپور ساڪرو سڪار لفظ مان نڪتل آهي، جڏهن ته “ساڪرو” بابت مختلف تاريخي رايا ملن ٿا. ڪجهه مؤرخن جو خيال آهي ته ساڪرو ڪنهن قديم قبيلي يا علائقي جي نالي سان جڙيل آهي، جڏهن ته ٻيا ان کي مذهبي نسبت سان جوڙين ٿا. بهرحال، هي نالو وقت سان گڏ سنڌ جي تاريخ ۾ پنهنجو الڳ مقام ماڻي چڪو آهي.
تاريخي حوالن موجب ميرپور ساڪرو جو علائقو قديم سنڌو تهذيب جي اثر هيٺ رهيو آهي. سنڌو درياهه جي وهڪرن ۽ زرخيز زمينن سبب هي علائقو زرعي ۽ واپاري مرڪز طور سڃاتو ويندو هو. قديم زماني ۾ هتان واپاري قافلا گذرندا هئا، جيڪي ٺٽي ۽ ٻين بندرگاهن سان ڳنڍيل هئا.
اسلامي دور ۾ ميرپور ساڪرو علم ۽ روحانيت جو مرڪز بڻيو. هتي ڪيترائي عالم، فقيه ۽ صوفي بزرگ آيا، جن پنهنجي تبليغ ۽ تعليم وسيلي علائقي ۾ اخلاقي ۽ مذهبي شعور کي هٿي ڏني. مسجدون، مدرسه ۽ خانقاهون هن شهر جي سڃاڻپ بڻيون، جن جا آثار اڄ به تاريخ جي شاهدي ڏين ٿا.
سمن جي دور ۾، جڏهن ٺٽو سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ هو، ميرپور ساڪرو کي خاص اهميت حاصل رهي. ان دور ۾ هي شهر سياسي ۽ انتظامي سرگرمين جو حصو رهيو. بعد ۾ ارغون ۽ ترخانن جي دور ۾ به ميرپور ساڪرو واپاري ۽ فوجي لحاظ کان اهم رهيو. ٽالپر حڪمرانن جي دور ۾ شهر جي انتظامي حيثيت وڌيڪ مضبوط ٿي.
برطانوي راڄ دوران ميرپور ساڪرو ۾ جديد نظام متعارف ٿيو. اسڪولن، روڊن ۽ سرڪاري ادارن جي قيام سان شهر آهستي آهستي جديد دور ڏانهن وڌڻ لڳو. ان دور ۾ تعليم جي واڌ ويجهه ۽ سماجي تبديليون به نظر آيون، جن جو اثر اڄ تائين موجود آهي.
ميرپور ساڪرو جو ثقافتي ۽ مذهبي ورثو به انتهائي اهم آهي. هتي صوفياڻيون روايتون، ميلن، عرسن ۽ لوڪ ثقافت جا رنگ نمايان نظر اچن ٿا. شهر جا ماڻهو پنهنجي مهمان نوازي، سادگي ۽ ثقافتي قدرن سبب سڃاتا وڃن ٿا.
اڄ ميرپور ساڪرو ضلعي ٺٽي جو هڪ اهم شهر آهي، جتي زراعت، واپار ۽ تعليم بنيادي حيثيت رکن ٿا. اگرچه وقت سان گڏ ڪيتريون تبديليون آيون آهن، پر ميرپور ساڪرو اڄ به پنهنجي تاريخي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي کي سنڀالي بيٺو آهي.
مختصر لفظن ۾، ميرپور ساڪرو سنڌ جي تاريخ جو اهو زنده باب آهي، جيڪو ماضي جي عظمت، روحانيت ۽ ثقافت کي حال سان ڳنڍي مستقبل ڏانهن راهه ڏيکاري ٿو.

ساڪري جي وڻجھ واپار ۾ اسمائيلي ڪميونٽي جو اهم ڪردار رهيو آهي، قديم زماني کان وٺي اسمائيلي ڪميونٽي ميرپورساڪري ۾ ڪاروباري ڪميونٽي جي حيثيت سان سڃاتي وڃي ٿي، هن ڪميونٽي کي ٻيو ڪميونٽيون به عزت ۽ احترام جي نگهاھ سان ڏسن ٿيو، انهن مان هڪ روشن خيال اڳوڻو نيشنل بئنڪ مينيجر ماما ذوالفقار علي خواجه به آهي، ساڪري ۾ ڪيترائي اديب ليکڪ شاعر ۽ مفقر رهيا آهن، پيرل پياسي، لهر ڪيٽوي، شمشاد ساڪرائي، رشيد احمد رشيد ساڪرائي، جمال مراد گبول، نيڪ محمد نيڪ لاشاري، عبدالرشيد گبول، سرور ڳورائي، سليمان شيخ(هيرو نمبر ون) رشيد مسرور چانڊيو، حسين شيخ، موسو بجلي، ڪارو پارهڙي، عقيلي ڪوڏڻ، جمن پانڌياڻي، حاجي نبي بخش پانڌياڻي، راڄن شاه ماٽائي، پنجايو
پانڌياڻي وغيره،

KB Lashari جي وال تان ڪاپي

26/12/2025
ڪيٽي بندر (Keti Bandar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آھي۔ ھن شھر جي معيشت گھڻي ڀاڱي مڇي جو شڪار آھي ۽ شھرين ۾ ...
26/12/2025

ڪيٽي بندر (Keti Bandar) پاڪستان جي صوبي سنڌ جي ضلعي ٺٽي ۾ واقع آھي۔ ھن شھر جي معيشت گھڻي ڀاڱي مڇي جو شڪار آھي ۽ شھرين ۾ وڏي تعداد ۾ مھاڻا شامل آهن. اھو ٻھراڙيءَ جو ننڍڙو شھر آھي. پاڪستان جي پيپلزپارٽي جي حڪومت ھن شھر جي سمنڊ تي واقع ھجڻ جي ڪري سامونڊي بندر ٺاھڻ لاء پڻ چونڊ ڪئي پر گوادر جي پراجيڪٽ جي ڪري رٿ منظور ٿي نہ سگھي

ڪيٽي بندر
شھر
ڪيٽي بندر is located in سنڌڪيٽي بندرڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر is located in Pakistanڪيٽي بندرڪيٽي بندر
جاگرافي بيهڪ: city 24.20°N 68.00°E
ملڪ
پاڪستان
صوبو
سنڌ
ضلعو
ٺٽو
ھن شھر ۾ اين-110 شاھراھ ميرپور ساڪرو کان اچي دنگ ٿئي ٿي. ھي بندر سنڌو ندي جي ڊيلٽا تي حجامڙو ڪريڪ وٽ واقع آھي جتان سنڌوندي جون شاخون اٽڪل 11 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي سمنڊ سان ملن ٿيون.

تاريخ
سنواريو
ھي بندرگاھ محمد بن قاسم جي فوج جي عراق کان پھچڻ واري جڳھ دیبل جي بندرگاھ جي باقياتن تي تعمير ڪئي وئي۔ اصل هيءُ ٻاڙي گهوڙا يا گهوڙي ٻاڙيءَ جي لهڻ جي جاءِ هئي. جڏهين شاهه بندر ۽ ڌاراجا ڦٽا، تڏهين هن بندر زور ورتو. جتي اڳي وڪر بندر هو. اتي انهيءَ جي ٻڏي وڃڻ ڪري هيءُ بندر ٻڌو ويو، جو گهڻو جهونو ناهي. اتي جو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ سان واپار هلندو آهي

رتو ڪوٽ جي قلعي جي ابتدا اڃا تائين ھڪ ڳجھ بڻيل آھي. جيڪو گهارو کاري جي منهن واري  پاسي  ۽ قديم بندرگاهه شهر  ڀنڀور کان ف...
25/12/2025

رتو ڪوٽ جي قلعي جي ابتدا اڃا تائين ھڪ ڳجھ بڻيل آھي. جيڪو گهارو کاري جي منهن واري پاسي ۽ قديم بندرگاهه شهر ڀنڀور کان فقط ۲۹ ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھي. ڪجهه عالمن اهو تجويز ڪيو آهي ته قلعو هن وڏي واپاري مرڪز جي حفاظت لاءِ ٺاهيو ويو هو. آثار قديمه جي ثبوتن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعو ساساني دور جي پڇاڙيءَ کان يا اوائلي اسلامي دورکان وٺي ۱۳ صدي عيسويءَ تائين آباد رھيو . هن عرصي مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهو قلعو شايد ۷۱۱ ع ۾ سنڌ جي اسلامي فتح کان بہ اڳ جو هيو.

قلعي جي اڏاوتي خصوصيتن ۾ عرب اثرن جي بجاءِ فارسيءَ اثرن ڏانهن اشارو ڪن ٿيون . دفاعي مينارن جو وڏو تعداد ۽ دروازي جي جوڙجڪ ساساني فوجي فن تعمير سان گھڻي مشابهت رکي ٿي. تاريخي رڪارڊ موجب پنجين صدي عيسوي جي شروعات ۾ سنڌ جي سامونڊي ڪناري تي ساساني اثر موجود ھئا. چيو وڃي ٿو تہ سنڌي حڪمران شنڪلات پنھنجي ڌيءَ جي شادي لاءِ ديبل شهر ۽ ان جي ڀرپاسي وارا علائقا ساساني بادشاهه بهرام پنجم (۴۳۶-۴۲۱عيسوي) (گھوش، ۲۰۰۳) کي ڏاج طور ڏنا. ڇا اھو ممڪن آھي تہ قلعي جي ابتدا ساساني دور ۾ ٿي ھجي؟

بعد ۾ رتوڪوٽ جا حوالا ۱۸ صدي عيسويءَ ۾، ڌاراجا رياست جي راڻيءَ جي دور ۾ سامهون اچن ٿا. انهن حسابن مان معلوم ٿئي ٿو ته قلعي کي وقتي طور تي ڇڏي ڏنو ويو هجي ۽ پوءِ هڪ فوجي چوڪي ​​جي طور تي بحال ڪيو ويو هجي. وقفي وقفي سان استعمال جو هي نمونو ڊيلٽا علائقي ۾ قلعي جي مستقل عملي اهميت کي نمايان ڪري ٿو.

Address

Mirpur Sakro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when سنڌ جا قديم ماڳ posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share

Category