04/08/2026
ڊپٽي ڪمشنر، خيرپور ميرس
حڪومتِ سنڌ
محترم سائين،
اميد آهي ته اوهان خيريت سان هوندا.
عرض آهي ته سال 2022ع جي سخت برساتن ۽ ٻوڏ سبب اسان جي زرعي زمين اڃا تائين بيٺل پاڻي هيٺ آهي. اسان وٽ ايترا مالي وسيلا يا مشينري موجود نه آهي جو پنهنجي مدد پاڻ پاڻي نيڪال ڪري سگهون.
تنهن ڪري اوهان کي گذارش آهي ته مهرباني ڪري اسان جي زمين جو دورو ڪري حالتن جو جائزو وٺو ۽ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ ضروري سرڪاري سهڪار فراهم ڪيو جيئن اسان ٻيهر پنهنجي زمين تي پوک ڪري سگهون
اسان اوهان جي مهرباني تعاون ۽ ترت ڪارروائي جا بيحد اميدوار آهيون
مهرباني
اوهان جو فرمانبردار
فيض محمد مهر سڪندرآباد
ڳوٺ فقير آباد، تعلقو نارو چونڊڪو
ضلعو خيرپور ميرس