Karachi views

Directions Contact the business
اھو سڀ پڙھي لڱ ڪانڊارجي ويا آھن ته ماڻھو ايڏا وحشي ۽ ظالم به ٿيندا آھن...سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ضلعي اولھ سرجاڻي ٽائو...
17/09/2026

اھو سڀ پڙھي لڱ ڪانڊارجي ويا آھن ته ماڻھو ايڏا وحشي ۽ ظالم به ٿيندا آھن...
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جي ضلعي اولھ سرجاڻي ٽائون ۾ هڪ ماءُ ۽ ٽن معصوم ٻارن جو بي رحماڻو قتل، جوابدار گرفتار.

ڪراچي جي ضلعي ويسٽ پوليس، سرجاني ٿاڻي جي حد سيڪٽر 7-D ۾ هڪ عورت ۽ سندس ٽن معصوم ٻارن کي قتل ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

14 سيپٽمبر تي سيڪٽر 7-D جي هڪ گهر اندر 34 ورهين جي مهوش، سندس 8 ورهين جو پٽ مير هاد، 6 ورهين جو پٽ حسنين ۽ رڳو 2 ورهين جي معصوم ڌيءَ اشميرہ کي مٿي تي ڳري شيءِ جا وار ڪري بي رحماڻي نموني قتل ڪيو ويو هو.

هن دل ڏاريندڙ واقعي جو ڪيس مقتولا عورت جي سهري جي فرياد تي سرجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو هو.

ڊي آءِ جي ويسٽ زون عرفان بلوچ جي جوڙيل ٽيم، ايس ايس پي ويسٽ طارق الاهي مستوئي جي سربراهي ۾ ٽيڪنيڪل ۽ انساني ذريعن کان مليل ڄاڻ جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي مقتولا مهوش جي نندوئي محمد همايون خان ولد محمد حسن خان کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، جوابدار واقعي واري ڏينهن عام ملاقات جي بهاني دانش جي گهر ان وقت ويو، جڏهن مهوش جو مڙس ۽ ٻارن جو والد دانش گهر ۾ موجود نه هو.

ڪجهه وقت گهر ۾ رهڻ کان پوءِ جوابدار مبينا طور مهوش سان زبردستي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مزاحمت ڪرڻ تي گهر ۾ موجود لوهي سريي سان وار ڪري پهريان مهوش کي قتل ڪيو ۽ پوءِ رڳو ٻن ورهين جي معصوم اشميرہ کي به موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو.

هو جڏهن قتل ۾ استعمال ٿيل راڊ کڻي گهر مان نڪرڻ لاءِ دروازو کولڻ لڳو ته ان ئي وقت مهوش جا ٻئي وڏا ٻار ٽيُوشن تان واپس اچي ويا. پوليس موجب، جوابدار انهن ٻنهي معصوم ٻارن کي به ساڳئي راڊ سان وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ هٿيار کڻي فرار ٿي ويو.

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته اهي معصوم ٻار پنهنجي ماءُ سان ملڻ، گهر اچڻ ۽ شايد پنهنجي معمول جي زندگي ڏانهن موٽڻ لاءِ آيا هئا، پر کين خبر ئي نه هئي ته سندن انتظار ۾ موت بيٺل آهي...

پوليس موجب، جوابدار فرار ٿيڻ کان پوءِ قتل ۾ استعمال ٿيل لوهي راڊ رستي ۾ هڪ نالي ۾ اڇلائي ڇڏيو. سندس نشاندهي تي هٿيار جي برآمدگي لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

جاچ دوران جوابدار اهو به ٻڌايو ته واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ به هو رات جو مهوش جي گهر ويو هو، پر مهوش جي مڙس دروازي تان اهو چئي کيس واپس موڪلي ڇڏيو هو ته گهر ۾ سڀئي سمهي رهيا آهن.

هڪ ئي گهر مان هڪ ماءُ ۽ ٽي معصوم ٻار هميشه لاءِ هليا ويا...
هڪ خاندان جون خوشيون اجڙي ويون، هڪ گهر ۾ چار لاش وڇائجي ويا، ۽ ٽن معصوم ٻارن جون زندگيون انهن جي عمر کان اڳ ئي ختم ٿي ويون.

پوليس طرفان جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ۽ جاچ لاءِ جاچ آفيسرن حوالي ڪيو پيو وڃي، ته جيئن واقعي جا سمورا پاسا، قتل جو سبب، استعمال ٿيل هٿيار ۽ ٻيا ممڪن ثبوت سامهون اچي سگهن.

الله پاڪ مهوش ۽ سندس ٽنهي معصوم ٻارن جي مغفرت فرمائي ۽ سندن وارثن کي هي ناقابلِ برداشت صدمو سھڻ جي همت عطا فرمائي. آمين.
Copied

17/09/2026

سنڌ هاري جي، سنڌ مزدور جي،
سنڌ هر اُن پورهيت جي، جنهن جي پگهر سان ڌرتيءَ جا ڏيئا ٻرن ٿا.

هيءَ ڌرتي انهن محنت ڪش هٿن جي امين آهي، جيڪي ٻنيءَ جي سيني تي ٻج ڇٽي، اناج اُپائن ٿا ۽ پنهنجي پورهئي سان سماج جي زندگيءَ جو ڦيٿو هلائن ٿا.

هاريءَ جو پگهر رڳو پاڻيءَ جا قطرا ناهن، پر سنڌ جي خوشحاليءَ جو بنياد آهن؛ مزدور جي محنت رڳو روزگار ناهي، پر قوم جي تعمير ۾ هڪ خاموش ڪردار آهي.

اچو ته پورهئي کي مانُ ڏيون،
هاري ۽ مزدور جي حقن جو احترام ڪريون،
ڇو ته جنهن سماج جا محنت ڪش خوشحال هجن،
اُن سماج جي مستقبل جون راهون روشن هونديون آهن. 🌾✊

16/09/2026

مڪي مڪرمه تي حوثي باغين جو ڊرون حملو ناڪام، سعودي ايئر ڊيفينس پاران فضا ۾ ئي تباهه...see more

ڪراچي: عبدالله شاهه غازي ڳوٺ چانڊيو چوڪ تي سرعام گٽڪو، ماوا ۽ منشيات جو وڪرو
15/09/2026

ڪراچي: عبدالله شاهه غازي ڳوٺ چانڊيو چوڪ تي سرعام گٽڪو، ماوا ۽ منشيات جو وڪرو

15/09/2026

سرجانی ٹاؤن سیکٹر 7D میں افسوسناک واقعہ، ماں سمیت 3 بچوں کی لاشیں گھر سے برآمد، شوہر تفتیش کے لیے پولیس کی حراست میں۔ پولیس کی جانب سے CCTV فوٹیجز کی مدد سے تحقیقات جاری۔

کراچی کے علاقے سرجانی ٹاؤن سیکٹر 7D میں افسوسناک واقعہ پیش آیا، جہاں ایک گھر سے خاتون اور 3 بچوں کی لاشیں برآمد ہوئیں۔ پولیس کے مطابق واقعے کی تفتیش جاری ہے اور اطراف کی CCTV فوٹیجز حاصل کی جا رہی ہیں۔
پولیس کے مطابق گھر سے بظاہر کوئی آلۂ قتل برآمد نہیں ہوا۔ شوہر دانش کو بھی تفتیش کے لیے حراست میں لیا گیا ہے۔ مقتولہ کے ماموں امجد کا کہنا ہے کہ خاندان کی کسی سے دشمنی نہیں اور انہیں انصاف چاہیے۔
پولیس مختلف پہلوؤں سے واقعے کی تحقیقات کر رہی ہے، جبکہ حتمی حقائق تفتیش مکمل ہونے کے بعد سامنے آئیں گے۔

ماڻهن کي جڏهن چيو وڃي ته نوڪريءَ جي انتظار ۾ ويهڻ بدران پنهنجو ڪو ننڍو ڪاروبار شروع ڪريو، ته ڪجهه ماڻهن کي اهڙو ڪاوڙ اچي...
15/09/2026

ماڻهن کي جڏهن چيو وڃي ته نوڪريءَ جي انتظار ۾ ويهڻ بدران پنهنجو ڪو ننڍو ڪاروبار شروع ڪريو، ته ڪجهه ماڻهن کي اهڙو ڪاوڙ اچي ويندي آهي، ڄڻ ڪنهن کين ڪا خراب ڳالهه چئي ڇڏي هجي. 😅 جڏهن ته حلال ڪاروبار ڪو گهٽ درجي جو ڪم ناهي؛ پنهنجي هٿن جي محنت سان ڪمائڻ عزت جي ڳالهه آهي، ۽ جيڪڏهن واپار ايمانداري، سچائي ۽ حلال طريقي سان ڪيو وڃي ته ان ۾ خير ۽ برڪت به هوندي آهي.

اسان وٽ مسئلو اهو آهي ته ماڻهو ڪاروبار کي تڏهن ئي ڪاروبار سمجهن ٿا، جڏهن وڏي دڪان، آفيس يا وڏي سيڙپ هجي. جڏهن ته ننڍڙي سطح کان شروع ڪيل ڪم به آهستي آهستي وڏو ٿي سگهي ٿو. کاڌي جو ڪم هجي، سلائي، آن لائن سيلنگ، گهر مان ڪو پراڊڪٽ ٺاهڻ يا پنهنجي ڪنهن مهارت کي ڪم ۾ آڻڻ شروعات ننڍڙي هجي ته به شرم جي ڳالهه ناهي.

تنهنڪري ڪاروبار ڪرڻ کي گهٽ نه سمجهو. حلال ڪم ننڍو يا وڏو ناهي هوندو؛ اصل ڳالهه اها آهي ته ڪم عزت، محنت ۽ ايمانداري سان ڪيو وڃي.

گلشن زاهد اربيل ڪردستان عراق

ڪراچي بئنڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي پٽ سان گڏ واپس ويندڙ 40 ورهين جي معين اختر کي هٿياربند ڦورن مزاحمت تي گولي هڻي قتل ڪري ...
15/09/2026

ڪراچي بئنڪ مان 10 لک رپيا ڪڍرائي پٽ سان گڏ واپس ويندڙ 40 ورهين جي معين اختر کي هٿياربند ڦورن مزاحمت تي گولي هڻي قتل ڪري ڇڏيو هو، جي ڪيس ۾ بدين ضلعي جي کوسڪي شهر مان سليم مستري ڪراچي پوليس هٿان گرفتار

هن منهنجا پئسا به کاڌا، منهنجي عزّت به لٽي ۽ هاڻي... راولپنڊيءَ جي هڪ نوڪري ڪندڙ عورت پنهنجي اڳوڻي عاشق (ایکس) تي مقدمو ...
15/09/2026

هن منهنجا پئسا به کاڌا، منهنجي عزّت به لٽي ۽ هاڻي... راولپنڊيءَ جي هڪ نوڪري ڪندڙ عورت پنهنجي اڳوڻي عاشق (ایکس) تي مقدمو داخل ڪرائي ڇڏيو.

ٿاڻو روات پوليس هڪ ورڪنگ وومن جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
پنهنجي بيان ۾ فريادڻ چيو ته: "هئير ٽرانسپلانٽ جي هڪ اداري ۾ اسسٽنٽ جي نوڪري ڪندي آهيان ۽ هڪ لک رپيا ماهوار ڪمائيندي آهيان. فيس بوڪ تي وشال اختر سان ٽي سال اڳ سڃاڻپ ٿي هئي."
​مدعيه موجب، بعد ۾ فون تي رابطو ٿيو ۽ تعلق وڌندو ويو. وشال شاديءَ جي يقين دهاني ڪرائي؛ مختلف وقتن تي وشال کي ڪپڙا، بوٽ، گھڙي، پرفيوم وغيره جا تحفا ڏنا. وشال مختلف وقتن تي مون کان رقم به بٽوريندو رهيو، انهن سڀني شين جي ماليت ٻه لک رپيا ٻڌائي وڃي ٿي جنهن جون ريسپٽون (رسيدون) وغيره به موجود آهن. وشال مختلف وقتن تي ٽي لک رپيا روڪ رقم به ورتي. ان دوران گهر وارن سان ملائڻ لاءِ چيائين، مون ملائي ڇڏيو ته ان جو گهر به اچڻ وڃڻ شروع ٿي ويو. اها بات پکڙجي وئي ته منهنجي شادي وشال سان ٿيڻي آهي.
​وشال مون کي پيار، محبت ۽ شاديءَ جو جھانسو ڏئي ٽن سالن کان زيادتيءَ جو نشانو بڻائيندو رهيو. اپريل ۾ به فيز سيون جي هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي ويو جتي زبردستي زيادتيءَ جو نشانو بڻايائين. هوٽل اچڻ وڃڻ جي تصديق سي سي ٽي وي ڪئميرائن مان به ٿي سگهي ٿي.
​وشال ڌمڪيون ڏنيون ته "جنهن کي ٻڌايئه ته جان مان ماري ڇڏيندس". خبر پئي آهي ته هن ڪنهن ٻي سان شادي ڪري رکي آهي ۽ مون سان شاديءَ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. وشال دوکو ۽ استحصال ڪري پوري خاندان ۾ بدنام ڪيو ۽ ڪنهن جو نه ڇڏيو. رقم ۽ تحفا به بٽوريندو رهيو، دوکي بازيءَ جو مرتکب ٿيو آهي، قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.
​نياڻيءَ جي بيان ۽ ايف آءِ آر جي اندراج کان پوءِ پوليس تفتیش ۾ مصروف آهي.

​
​ ​

10/09/2026

I got over 20 reactions on one of my posts last week! Thanks everyone for your support! 🎉

10/09/2026

قابل ڀيو جي ضمانت رد ٿيڻ کان پوء ڪورٽ ۾ حالت
اهيا آهي غرور تڪبر جي سزا
نا قابل ڀيو تنهنجي لاءِ اھيو قافي آهي

Address

Karachi
75290

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Karachi views posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Karachi views:

Shortcuts

Share

Category