06/09/2022
اسان جي جسم ۾ موجود اسان جو نظام مدافعت Immune system ڪينسر کي ڇو ختم نٿو ڪري سگھي ؟
ليکڪ:
شاھنواز مشوري
ڪينسر جي پڙھائي کي Oncology اونڪولوجي چئبو آھي ڪينسر ٻن بيمارين جيان بلڪل به نه آھي ٻيون بيماريون Antigens (جسم ۾ داخل ٿيندڙن جراثيم) جي ڪري ٿين ٿيون پر ڪينسر جسم جي پنھنجن کريل جيوگھرڙن (malfunctioning cells) جو بي قابو واڌارو آھي جيڪو Gene mutations (ياني DNA ۾ موجود جينس جي ترتيب ۾ ڦيرڦار آڻڻ) جي ڪري ٿيندو آھي ۽ اھا ڦيرڦار Oncogene ۾ ٿيندي آھي. ڏسون ٿا اونڪوجين ڇا آھي ؟ Oncogenes {عام حالت ۾ جسم جي اندر cells جيوگھرڙا پيدا ٿيندا آھن ۽ واڌ ويجھ يا وراڳو ڪري پنھنجي عمر پوري ڪري مري ويندا آھن (اھو ئي سبب آھي جو ھر اعضوي جو مقدار يا انجي جسامت size ساڳي ئي برقرار رھندي آھي) ان عمل کي DNA ۾ موجود proto-Oncogenes قابو control ڪندا آھن پر جڏھن اھي پروٽو اونڪوجين ڦيرڦار جي ڪري ڪينسر جو سبب بڻجن ته انھن کي Oncogene چئبو.}
ڪينسر جي صورت ۾ gene mutations عمل ڪري old cells پراڻن جيوگھرڙن ۾ اونڪوجين کي activate سرگرم ڪري جيوگھرڙن جي وراڳي واري عمل cell division کي شروع ڪري ڇڏيندي آھي بجائي پراڻن جيوگھرڙن جي مرڻ جي اھي وڌڻ لڳندا آھن ۽ پاڻ جھڙا ٻيا کريل سيل ٺاھيندا ويندا آھن جٿان پوء ڪينسر جي شروعات ٿي ويندي آھي اگر ڪنھن ماڻھون جو نظام مدافعت تندرست آھي تي Natural killer cell اچي ڪري ان ڪينسر پيدا ڪندڙ جيوگھرڙي کي ختم ڪري ڇڏيندا پر اگر ان جيوگھرڙي پنھنجي تعداد تڪڙي وڌائي ڇڏي ۽ tumour ڪينسر جا ڳوڙها ٺھي ويا ته پوءِ اھو natural killer cells کان به ختم نه ٿي سگھندا ۽ ناھي وري ھيلپر ٽي سيل Helper t cells نظام مدافعت کي ڪينسر جو ڪو پيغام ڏيندا ڇو ته ڪينسر پيدا ڪندڙ جسم جا پنھنجا ئي جيوگھرڙا آھن ڪي اينٽي جين ناھن اھو ئي سبب آھي جو سان جو نظام مدافعت پنھنجي جيوگھرڙن خلاف اينٽي بوڊي نٿو ٺاھي.
ھي ھڪ اھڙي بيماري آھي جنھن ۾ اسان جي جنگ پنهنجي پاڻ سان آھي اھو ان ڪري جو اسان کي ڪينسر سان وڙھڻ لاءِ پنھنجن ئي جيوگھرڙن کي مارڻو پوي ٿو ڪينسر جا سيل ياني جسم جا کريل جيوگھرڙا جسم جي سموري خوراڪ استعمال ڪري ويندا آھن ۽ باڪي صحيح جيوگھرڙن کي خوراڪ نه ملڻ سبب اھي ڪمزور ٿي ويندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو ڪينسر جي مريضن جو جسم سڪڙيل ھوندو آھي ۽ وار به ڪرڻ لڳندا آھن.
جينياتي مادي genetic material ۾ اھا ڦيرڦار ٽين طريقن سان ٿيندي آھي ڪينسر کي جنم ڏيندڙ ٽي وڏا سبب retro virus ريٽرو وائرس، carcinogene (ڪينسر پيدا ڪندڙ ڪيميڪل) ۽ radiations (روشني جون شعاعون) آھن.