Sada naz

Sada naz سب فرینڈز مجھے سٹار سینڈ کرو میری ریلز ویڈیو پے اور میری ال پوسٹ کو لئیک شیر کمنٹس کر کہ مجھے فالوکار

29/01/2023
مورو.مورو ۾ انڪروچمنٽ جي سبب ڪري شھري سخت پريشان آھن اهو هڪ ڪڙو سچ آھي.ان جو حل صرف اهو نه آھي ته غريب پورهيتن جا گاڏا ت...
11/01/2023

مورو.
مورو ۾ انڪروچمنٽ جي سبب ڪري شھري سخت پريشان آھن اهو هڪ ڪڙو سچ آھي.
ان جو حل صرف اهو نه آھي ته غريب پورهيتن جا گاڏا تحويل ۾ وٺي ڇڏڻ.
سبزي فروٽ يا گوشت وغيره کپائڻ وارن کي شھر جي مختلف هنڌن تي کين متبادل ڏنو وڃي جتي هو روزگار ڪن.
ٻي گذارش اسٽنٽ ڪمشنر سميت ذميوار انتظاميان کي ته شھر جي کڏن واهن ڀڏن واٽرن رستن گهٽين وغيره تان مڪمل قبضا ختم ڪرايا وڃن.
ڪنهن دوست ٻڌايو ته شھر جي مين روڊ جتان اڄ پنڌ ھلڻ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه آھي اتي واقع مين اسڪول جنهن جي ديوار واري پاسي ٺھيل سڀ دڪان قبضي جا آھن ان کان علاوه اسڪول کي مين روڊ واري طرف کان ٻ گيٽ پڻ هئا هڪڙو ته الائي ڪاڏي غائب ٿي ويو ۽ ٻيو گيٽ ايترو ويڪرو هوندو هيو جنهن مان ٻ گاڏيون ڪراس ڪن اڄ اتان هڪ رڪشا مس ڪراس ڪندو.
مطلب ته انتظاميان جيڪڏهن ڪجھ سخت فيصلا ڪري ته شهر جا رستا اڄ به ويڪرا ٿي سگهن ٿا ۽ شھر وڌيڪ ڪاروباري مرڪز سان گڏ بهتر ۽ خوبصورت بڻجي سگهي ٿو.
باقي صرف ڪورٽ جي حڪم کي پاڻي ڏيڻ لاء گاڏن کي هٽائڻ يا ڪي ڇپرا ڊاهڻا آھن ته اهو ڪافي نه آھي.

Address

Karachi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Sada naz posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category