28/10/2023
ايئن نه هيو سٺو جو تو دعوت منجهان ڌڪاريو،
گڏجي گلي ملائي غيرن کي تو وهاريو،
اڳ ۾ تون منهنجي لاء رکندو هئين وهاڻا
تڏهن لڳس ٿي توکي پنهنجو صفا او راڻا،
اڄ تو چوڻ ڪنهن جي تي واپس ناهي نهاريو،
گڏجي گلي ملائي غيرن کي تو وهاريو،
اڳتي جي لاء توسان ڪائي هجت نه هلندي،
منهنجي ميار تو ڏانهن آئيندي لا ڪونه ايندي،
پنهنجو پاڻ پليندس توئي جي آ وساريو،
گڏجي گلي ملائي غيرن کي تو وهاريو،
پنهنجي عطا کي ساڳيو هاڻي ڪرن نه ڀانئج،
پنهنجو وڃي تون جاني ٻئي ڪنهن سان نينهن لائيج،
توکي خوشي مبارڪ مون ئي کڻي هارايو،
گڏجي گلي ملائي غيرن کي تو وهاريو،