14/06/2026
روز گھر ڏي سبزي پهچائي ڏيندو هيو ان ڪري وڻي ويو، ڪراچي جي رهواسڻ سهانا پٺاڻ ڪنڊيارو واسي رضوان عرف جاني کوسو سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو
ميڊيا سان ڳالهائيندي سهانا پٺاڻ پهنجي رضامندي جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته جاني کوسو جيڪو اسان جي گهر اڳيان سبزي کپائيندو آهي جيڪو روز مهنجي گھر پاڻ سبزي پهچائي ڏيندو هيو جنھن ڪري سندس جي اها خوبي وڻندي هئي جنھن ڪري رضوان سان دل لڳي وئي ناري سهانا پٺاڻ وڌيڪ چيو ته منهنجا ڀائر اسان جي جان جا ويري بڻجي ويا آهن جوڙي پاران اعلا اختيارن کان تحفظ جو مطالبو ڪيو