FaQeer

FaQeer حرمجاھد فقير

ملڪ ۾ ڊسيپلين مارشلا لڳندو.ملڪ ۾ انقلاب ايندو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي .عدالتون الله جي حوالي ھونديون جج پاڻ پنھجي فيصلن ۾ قابو ٿي...
10/08/2026

ملڪ ۾ ڊسيپلين مارشلا لڳندو.
ملڪ ۾ انقلاب ايندو ۽ رتوڇاڻ ٿيندي .
عدالتون الله جي حوالي ھونديون
جج پاڻ پنھجي فيصلن ۾ قابو ٿيندا .
عوام ٻاھر نڪرندي ۽ ان جي پٺيان فوج ھوندي
سيپٽمبر ستمگر ثابت ٿيندو .
ھر ٽن سالن تائين جرنل مٽجندا رھندا .
نواز شريف Black ۽ شھباز شريف Bleak آھي
زرداري کي زر نصيب ڪون ٿيندو
قوم پرستن جو ڪو مستقبل ڪونھي .
پي پي معني ٻہ ٽي ڪارڪن
ايم ڪيو ايم , ايم ڪيو ايم نہ رھندي
ڪشمير نہ اسان جو ھو ، نہ آھي ، نہ ٿيندو .
چور ، ڦورو ، ۽ ملا مارجي ويندا .
بلاول اسان جو آھي ۽ مسلم ليگ جو سيڪريٽري ٿيندو .
ملڪ ۾ صفايو ٿيندو ۽ جنھن کي سياست ڪرڻي ھوندي اھو اسان سان گڏجي ڪندو .
ڪراچي ملڪ جو ٻيھر گادي جو ھنڌ ٿيندو .
سنڌ قائم بہ رھندو ۽ دائم بہ ڇو جو سنڌ جو کاڌو پنھنجو آھي
منھنجا بيان پراڻا ناھن ٿيندا.

حضرت پيرسائين ڇٽ ڌڻي سردار جن جون ڪيل پيشنگويون.😘💞

06/07/2026
01/07/2026

اسين فقير ماڻهون

🤲 اَللّٰهُمَّ اجْعَلْنَا مِنَ الْمُحِبِّيْنَ الصَّادِقِيْنَ لِسَيِّدِ الصَّادِقِيْنَ وَآلِ بَيْتِهِ الطَّاهِرِيْنَ۔​اے ا...
30/06/2026

🤲 اَللّٰهُمَّ اجْعَلْنَا مِنَ الْمُحِبِّيْنَ الصَّادِقِيْنَ لِسَيِّدِ الصَّادِقِيْنَ وَآلِ بَيْتِهِ الطَّاهِرِيْنَ۔

​اے اللہ! ہمیں سچوں کے سردار (حضرت محمد ﷺ) اور ان کی پاکیزہ اہل بیت کے ساتھ سچی محبت کرنے والوں میں شامل فرما۔

آمیــــن يارب العالمين ♥️

29/06/2026

يارب محمد صلي اللہ عليہ وسلم ♥️

سوچن جي سُرهاڻ:(پهرين قسط)ماڻهو سوچڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟الله تعاليٰ انسان کي اک ڏني آهي ته هو ڏسي. ڪَنَ ڏنا آهن ته هُو ٻڌي. ...
25/06/2026

سوچن جي سُرهاڻ:
(پهرين قسط)
ماڻهو سوچڻ ڇو ڇڏي ڏنو آهي؟
الله تعاليٰ انسان کي اک ڏني آهي ته هو ڏسي. ڪَنَ ڏنا آهن ته هُو ٻڌي. دل ڏني آهي ته هو محسوس ڪري. عقل ڏنو آهي ته هو سوچي. پر افسوس! اڄ جو انسان ڏسي ٿو، ٻڌي ٿو، ڳالهائي به ٿو پر سوچڻ کان پاسو ڪري ٿو. اگر سوچي ٿو ته اهو منفي پاسن ڏانهن سوچي ٿو. جنهن جو نتيجو پريشاني جي صورت ۾ نڪري ٿو.
صحيح سوچڻ مشڪل ڪم لڳي ٿو. ان ڪري گهڻا ماڻهو ٻين جي تيار جوابن جي ڇانوَ ۾ ويهي رهن ٿا. هو پاڻ واٽ ڳولڻ بدران هجوم جي پٺيان هلڻ کي آسان سمجهن ٿا. جيئن سڪلُ پَنُ پاڻيءَ جي وهڪري سان وهي ويندو آهي تيئن بي سوچ ماڻهو به زماني جي لهرن سان وهي ويندو آهي.
ڪي ماڻهو رسم کي عقل کان مٿاهون سمجهن ٿا. ڪي رِيتُن روايتن کي تحقيق تي ترجيح ڏين ٿا. ڪي ٻُڌل ڳالھ کي جاچڻ کان اڳ ئي سچ سمجهي وٺن ٿا. نتيجي ۾ سوچ جا درياءَ سُڪي وڃن ٿا ۽ شعور جا گُل ڪومائجي وڃن ٿا.
عجيب ڳالھ هي آهي ته ماڻهو پنهنجي گهر ٺاهڻ وقت به سوچي ٿو. زمين خريد ڪرڻ وقت به سوچي ٿو. واپار ڪرڻ وقت به سوچي ٿو. پر پنهنجي عقيدن، عادتن ۽ روين بابت سوچڻ لاءِ تيار نه ٿو ٿئي. جڏهن ته حقيقت هي آهي ته سوچ کان خالي ذهن جلد افواهن جو شڪار ٿيندو آهي. بي فڪر دل آسانيءَ سان هر نعري جي پٺيان لڳي ويندي آهي.
جنهن سماج ۾ سوالن جا در بند ٿي وڃن، اتي جوابَ يتيم ٿي ويندا آهن. سوچڻ بغاوت نه آهي، نعمت آهي. سوال ڪرڻ گستاخي نه آهي، شعور آهي. غور و فڪر اختلاف پيدا ڪرڻ لاءِ نه پر سچ تائين پهچڻ جو ذريعو هوندو آهي.
سج ڪيڏو روشن آهي! پر ڪو ڪمري کي بلڪل به بند ڪري ڇڏي ته ان ۾ روشنيءَ جو ڪرڻو به داخل نه ٿي سگھندو آهي. ساڳيءَ طرح حڪمت ۽ هدايت به سج مثل روشن آهي پر اها ان دل ۾ ڪيئن داخل نه ٿيندي! جنهن جا دريچا سوچ ڏانهن بند هجن.
اچو ته پاڻ ۾ هر ڳالھ کي پرکڻ، هر خبر کي جاچڻ ۽ هر عمل تي غور ڪرڻ جي عادت وجهون. ڇاڪاڻ ته سوچيندڙ ماڻهو رڳو زندگي نه گذاريندو آهي پر زندگيءَ کي سمجهندو به آهي. سوچ جو سفر شعور تائين پهچائيندو آهي. شعور جو سفر ڪردار تائين ۽ ڪردار جو سفر ڪاميابي تائين پڄائيندو آهي.
سو جيڪو ماڻهو سوچڻ ڇڏي ڏئي ٿو اهو آهستي آهستي ٻين جي سوچ جو قيدي بڻجي وڃي ٿو. آزادي صرف جسم جي نه هوندي آهي پر فڪر جي به هوندي آهي.
مثبت ۽ منفي سوچ جو فرق:
مثبت سوچ ڏکين حالتن ۾ به آسانيءَ جي واٽ ڳوليندي آهي. جڏهن ته منفي سوچ آسانيءَ ۾ به ڏکيائيون ڳوليندي آهي. مثبت سوچ اونداهي ۾ به روشني ڏسندي آهي. جڏهن ته منفي سوچ روشنيءَ ۾ به اونداهو ڏسندي آهي. مثبت سوچ چوندي آهي: ”ڪو نه ڪو رستو نڪرندو“
جڏهن ته منفي سوچ چوندي آهي: ”هاڻي ڪجھ نه ٿيندو.“ مثبت سوچ هر تڪليف کان پوءِ راحت جي اميد رکندي آهي. جڏهن ته منفي سوچ هر راحت کان اڳ تڪليف جو خوف کائيندي آهي. مثبت سوچ ڪنڊن ۾ به گل ڳوليندي آهي، جڏهن ته منفي سوچ گلن ۾ به ڪنڊا ڳوليندي آهي. مثلا:
ٻه هاري هڪ خشڪ زمين ڏسن ٿا. هڪ چوي ٿو: ”هتي ڪجھ نه ٿيندو.“ ٻيو چوي ٿو: ”مينهن پيو ته هي زمين به ساوڪ سان سرسبز ٿي ويندي.“ زمين ساڳي آهي، فرق سوچ جو آهي.
هڪ شاگرد امتحان ۾ ناڪام ٿئي ٿو. منفي سوچ وارو چوي ٿو: ”هاڻي منهنجو مستقبل ختم ٿي ويو.“ مثبت سوچ وارو چوي ٿو: ”هي ناڪامي منهنجي ڪمزوري ٻڌائي رهي آهي، هاڻي وڌيڪ محنت ڪندس.“
هڪ ماڻهو بيماري ۾ مبتلا ٿئي ٿو. منفي سوچ وارو هر وقت شڪايتون ڪندو رهي ٿو. جڏهن ته مثبت سوچ وارو علاج به ڪندو آهي. دعا به ڪندو آهي ۽ اميد به رکندو آهي ته الله تعاليٰ شفا عطا فرمائيندو.
هڪ وڻ مان پنن جو وڏو حصو ڪِري پوي ٿو. منفي سوچ وارو چوندو: ”وڻ اُجڙي ويو.“ مثبت سوچ وارو چوندو: ”بهار ايندي ته هي وڻ وري گلن ۽ پنن سان ڀرجي ويندو.“
مثبت سوچ رات جي اونداهي ۾ به صبح جو انتظار ڪندي آهي، جڏهن ته منفي سوچ منجهند جي سج ۾ به اوندھ ڳوليندي آهي. الله ڪريم اسان کي شال مثبت سوچڻ جي صلاحيت عطا فرمائي.

‏دانت دیکھنے میں تو چھوٹا سا محسوس ہوتا ہےلیکن گر جائے تو دو دانتوں جتنا خلا چھوڑ جاتا ہے----- اسی طرح کچھ رشتے ,,,,,,,,...
03/06/2026

‏دانت دیکھنے میں تو چھوٹا سا محسوس ہوتا ہے
لیکن گر جائے تو دو دانتوں جتنا خلا چھوڑ جاتا ہے----- اسی طرح کچھ رشتے ,,,,,,,,,,, جب پاس ہوں تو انکی قدر نہیــــں ہوتی
لیکن جب چلے جائیں تو اتنا بڑا خلا چھوڑ جاتے ہیں کہ کئی رشتے ملکر بھی انکی کمی کو پورا نہیــــں کرسکتے
اسلیے ان قریبی رشتوں کی موجودگی پہ اللّٰــہ کا شکر ادا کریں
انکی قدر کریں ، انہیں عزت دیں ورنہ یہ خلا زندگی بھر بھی پر نہیــــں ہوگا
فقير _________________🖤

وڻ پوکيو، نه ته ڌرتيءَ دوزخ بڻجي ويندي.!نم جو هڪ وڻ 55 سينٽي گريڊ گرمی ۽  10 سينٽي گريڊ سردي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو...
29/05/2026

وڻ پوکيو، نه ته ڌرتيءَ دوزخ بڻجي ويندي.!
نم جو هڪ وڻ 55 سينٽي گريڊ گرمی ۽ 10 سينٽي گريڊ سردي برداشت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. هڪ 12 فٽ جو وڻ 3 ايئرڪنڊيشن جيتري ٿڌ پئدا ڪندو آهي.
وڻ زندگي آهن،
وڻ قدرت جي طرفان انسانن لاءِ انمول تحفو آهن.
وڻ لڳايو. پنهنجي ۽ پنهنجي ڌرتي جي زندگي بچايو.

Indirizzo

Mathi

Telefono

+923440136607

Sito Web

Notifiche

Lasciando la tua email puoi essere il primo a sapere quando FaQeer pubblica notizie e promozioni. Il tuo indirizzo email non verrà utilizzato per nessun altro scopo e potrai annullare l'iscrizione in qualsiasi momento.

Scelte rapide

Condividi