Dadu News Studio

Call Contact the business

Dadu News Studio Phulji station District dadu

16/09/2026

شاگرد سجاڳ فورم ڦلجي طرفان اڄ ب احتجاجي ريلي ڪڍي مين حيدر چوڪ تي درڻو هڻي نعري بازي ڪندي مطالبو ڪيو ت ڦلجي کي لائبريري ڏيو.
مسلسل ڪيترن مهينن کان احتجاج جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو مطالبو ورجايو پيو وڃي ت ڦلجي کي لائبريري ڏيو.
احتجاج ڪندڙن چيو ت پير مجيب الحق ۽ ايم اين اي رفيق احمد جمالي جو هي ٽائون آهي جنهن کي ڪيترائي ڳوٺ لڳن ٿا جن کي لائبريري ناهي ۽ غريب شاگرد دادو جا خرچ بردائش نه ٿا ڪري سگهن جنهن سبب شاگرد مختلف امتحانات جي تياري نه ٿا ڪري سگهن.
هن چيو ت اگر نوٽيس نه ورتو ويو ت اسين جلد دادو ايس ايس پي چوڪ تي درڻو هنيو ويندو

دادو نيوز اسٽوڊيو
فيس بڪ پيج

02/09/2026

‎محترم صحافي پريس ڪلب ڦلجي جو جنرل سيڪريٽري سينيئر صحافي شاهنواز سومرو پنهنجي مٿان ڪيل تشدد ۽ ڌمڪين بابت صحافين آڏو پنهنجو موقف ڏنو.
هن ٻڌايو ت خبرون هلائڻ تي تشدد ڪيو ويو آهي.
وڌيڪ موقف ٻڌي سگهجي ٿو.‎ Part 7

ڦلجي اسٽيشن ۾ اغوا جي ڪوشش ڪالھ نجي اسڪول جي ٻاهران اسڪولي شاگرد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڇوڪرو ڇڏائي ڊڪڻ لڳو ت اغوا ...
01/09/2026

ڦلجي اسٽيشن ۾ اغوا جي ڪوشش

ڪالھ نجي اسڪول جي ٻاهران
اسڪولي شاگرد کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي

ڇوڪرو ڇڏائي ڊڪڻ لڳو ت اغوا ڪندڙن ڇوڪري کي گهلڻ لڳا جنهن سبب اسڪولي يونيفارم ڦاٽي پيو ۽ ڇوڪرو اهڙو ت حراس ٿي ويو جو ڊڪندو گهر پهچي رڙيون ڪندو رهيو ۽ جسم ڏڪي پيو.
اڄ ان ننڍڙي اسڪول وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڦلجي ۾ اغوا ڪندڙ ٽولو ايڪٽو آهي خدارا اوپري ماڻھن تي نظر رکو پنهنجي اولاد تي نظر رکو.
ننڍڙو ڳوٺ اسماعيل اڇڙا واسي محترم اختر پنهور رازاڻي جو جڳ پٽ آهي.

17 ڪيسن ۾ مبتلاع ڏوهاري ڦلجي ٿاڻي هٿان گرفتار ٿي ويو.ٻ ڪيس قتل جا ب ٻڌايا پيا وڃن.ايس ايڇ او افتخار احمد جمالي جي جانچ ٽ...
28/08/2026

17 ڪيسن ۾ مبتلاع ڏوهاري ڦلجي ٿاڻي هٿان گرفتار ٿي ويو.
ٻ ڪيس قتل جا ب ٻڌايا پيا وڃن.
ايس ايڇ او افتخار احمد جمالي جي جانچ ٽيم جي اطلاع ڇاپو هڻي گرفتار ڪري ورتو.
ڪيس دادو جي مختلف ٿاڻي تي داخل ٿيل آهن.

22/08/2026

عوامي آگاهي
پوليس طرفان ڪا تذليل ڪئي وڃي ٿي.عوامي هنڌن تي اوهان جي بيعزتي ڪئي وڃي يا روڊن رستن تي بغير ڪنهن جواز جي اوهان جي تذليل ڪري ت اوهين فوري قانوني رستو اختيار ڪيو
يا اوهان هيٺ ڏنل نمبرن تي ڳالهائيو.
03053907085
يا انويسٽيگيشن آفيسر محترم يامين هنگورو سان رابطو ڪيو.
03138124453

21/08/2026

ڪجھ ڏينهن اڳ هن غريب خاندان جي جهوپڙي تي پوليس چڙهائي ڪري هڪ نياڻي کي کڻي ويا
جنهن کان پوء هن امڙ پريس ڪئي.
اڄ MBWA Offical Page
مبوا هيومن رائٽس ڪائونسل مدد ڪرڻ لاء پهتي جيئن سهارو ڏئي سگهجي
مالي اخلاقي ۽ قانوني.
هتي طاقتور ظلم پيا ڪن نه خدا جو خوف ۽ نه ئي ملڪي قانون جو خوف آهي.
عام ماڻھون ب ساٿ ناهن ڏيندا غريب طبقي جو.
مگر مبوا هميشه مظلومن جو ساٿ ڏيندي رهندي

مقصود پبلڪ اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ اڄ جشن آزادي جو ڏينهن ملهائيو ويو جنهن ۾ مخلتف ٽيبولوز پيش ڪيا ويا تقرير جو سيشن رکيا ويا...
15/08/2026

مقصود پبلڪ اسڪول ڦلجي اسٽيشن ۾ اڄ جشن آزادي جو ڏينهن ملهائيو ويو
جنهن ۾ مخلتف ٽيبولوز پيش ڪيا ويا تقرير جو سيشن رکيا ويا ۽ پڻ پاڪستاني قومي گيتن تي ننڍڙن ٻارن رقس ڪري چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.
ٻارن جا ڪانفيڊنسن ڏسڻ وٺان هئا ۽ استاد توڙي اسڪول جي انتظاميا جي محنت نظر آئي.
ان موقعي تي محترم چيئرمين مقصود پبلڪ اسڪول سائين شفيع محمد راجپوت ٻڌايو ت اسان مسلمانن ۾ اتفاق ناهي رهيو جنهن ڪري اسين مسئلن جي گهيري ۾ آهيون
مقصود راجپوت اونر مقصود پبلڪ اسڪول چيو ت اسان ستر ٻار فري پڙهايون ٿا ۽ هر سال ان ڪري جشن آزادي جو ڏينهن ملهائيندا آهيون ڇوجو اهي ڏينهن اسان لاء آزادي جو ڏينهن هو عيد جو ڏينهن آهي ۽ ٻارن جي ٽيلنٽ کي ظاهر ڪندا آهيون
هتان ڪيترائي ٻار ملڪ جي وڏن وڏن ادارن ۾ داخلائون ورتون آهن جيڪا اسان جي محنت آهي.

مهمانن ۾ محترم نور احمد ڏهوٽ.محترم منير احمد ڏهوٽ
سائين وفا ياسين آرائين.سائين ثاقي راجپوت
محترم شاهنواز سومرو
وقاس ياسين آرائين.
۽ ٻيا ڪيترائي مهمانن ڳالهائيندي چيو ت مقصود احمد راجپوت جي محنتن کي سلام ۽ سائين ڦلجي بلڪي دادو جو فخر آهي.

Address

Phulji
025

Telephone

+923201245926

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Dadu News Studio posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Dadu News Studio:

Shortcuts

Share