ڳوٺ ڊوڙي سميجا ٿرپارڪر

ڳوٺ ڊوڙي سميجا ٿرپارڪر سندم ڳوٺ جون هڙئي حسناڪيون محفوظ ڪرڻ جو عزم

نيڪ محمد ولد قربان مهراڻ ۽ محمد قاسم ۽ راجا ولد محمد مٺن مهراڻ جي شاديءَ  جون يادگار تصويري جهلڪيون ڪيمرا جي اک ۾ ڪري مح...
28/03/2026

نيڪ محمد ولد قربان مهراڻ ۽ محمد قاسم ۽ راجا ولد محمد مٺن مهراڻ جي شاديءَ جون يادگار تصويري جهلڪيون ڪيمرا جي اک ۾ ڪري محفوظ ڪيون ويون آهن
27-03-2026 Friday

22/03/2026

ڳوٺ ڊوڙي ۾ اسڪول جو قيام
هي تقريبن 1964 جي ڳالھ آھي ان وقت آچار ولد وڄو سميجو کي نانگ ڪکي وڌو ان وقت ڪوبه علاج جو جوڳو بندوبست نه هوندو هيو انڪري ڪاريو ڀيل جيڪو جهاڙون وجهي زهر چوسي ڪڍي وٺندو هيو ٻهراڙيءَ جا ڏسن سان گڏ بلا جي ڪکيل جو اهو علاج هوندو هو
سو آچار کي جهاڙون وجهڻ لاءِ ڪاريئي ڀيل کي اوطاق تي گهرايو ويو جيڪو تمام وڏي آواز ۾ ڪجھ پڙهي جهاڙون وجهي رهيو هيو
ان وقت ڏکڻ وارن ڳوٺن جي واٽ ڊوڙي مان هوندي هئي
عمر ڪنڀار جيڪو مکڻ سمون لڳ ميرپورخاص جو هتي ٿر ۾ بيٽ آفيسر طور نوڪري ڪندو هيو اهو ڳوٺ ڊوڙي کان ڏکڻ طرف ڀٽ تان گهوڙي تي اچي رهيو هيو جنهن سندس گڏ ساٿي استاد عبدالصمد راهمون ڇهو جيڪو هيڊ ماستر سائين عبدالرحيم راهمون جو والد صاحب هيو ان کي چيو ته هي آواز ڇا جو آهي ڪير ڇا پڙهي رهيو آهي ان پاسي هل ڏسون ڇا آهي سو آواز ڪنائيندا اتي اوطاق تي آيا حال احوال ٿيو عمر صاحب پڇا ڪئي ته ڪير آهي ڇا پڙهي رهيو آهي ان تي وراڻيو ويو ته همراه کي نانگ ڪکي وڌو آهي انڪري همراه جهاڙون وجهي رهيو آهي جنهن سان زهر ختم ٿي ويندو جنهن تي پاڻ چيائين ان کي ڇڏيو پاڻي جو گلاس ڏيو قرآن شريف پڙهي ڏيان ﷲ شفا ڏيندو اهي جهالت واريون شيون ڇڏيو
بعد ۾ وڃڻ وقت ڳوٺ جي چڱي مڙس خان محمد سميجو کي چيائين مٺيءَ ۾ اچي مونسان ملجان ته توهان جي ڳوٺ ۾ اسڪول ڏيان
ان وقت بيٽ آفيسر کي ايترا اختيار هيا جو هو نئون اسڪول پنهنجي صحيح سان کولي پئي سگهيو
ڪجھ ڏينھن ۾ عمر ڪنڀار صاحب اسانجي ڳوٺ ڊوڙي ۾ پهريون اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊوڙي سميجا جي نالي سان کولي پهريون استاد رانجهو ميگهواڙ ڳوٺ ٻورلي موسيپوٽا کي مقرر ڪيو استاد اچڻ شرط ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت اسڪول جي لاءِ ڪاٺن واري لانڍي تيار ڪئي ۽ خان محمد سميجو کي چيو ته صبع مٺي اچي اسڪول لاءِ فرنيچر کڻي وڃجان ۽ اسڪول کي هلائي ان وقت اسڪول ۾ ڏھ پندرنهن پرائمري جي شاگردن کان وڏي عمر جا ڇوڪرا داخل ڪيا ويا
جنهن ۾ مرحوم محمد، محمد مبارڪ، سائين مريد، مرحوم غلام حسين، اڪبر، مرحوم آچار سميجو وريام، مرحوم فقير محمد مهراڻ، محمد سانوڻ مرحوم عباس سومرو کنگھار ،لالو،گانگو ،هانسو ۽ ارجڻ ڀيل پهرين اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ داخل ڪيا ويا
وقت گذرندو رهيو بيٽ آفيسر بدلي ٿيندا رهيا انهي بينچ جا شاگرد هوشيار هجڻ ڪري ٽيئين ۽ چوٿين ڪلاس جا امتحان هڪڙي سال ۾ وٺي انهن کي پاس ڪرايا ويا جنهن ۾ شاگرد مرحوم محمد سميجو سرفهرست هيو (جيڪو 1989 ۾ وفات ڪري ويو) ان کان پوءِ وري عمر ڪنڀر صاحب واپس بيٽ تي بدلي ٿي آيو ۽ اسڪول جي چڪاس تي ڳوٺ ڊوڙي آيو ۽ شاگردن کان امتحان ورتو ۽ خان محمد سميجو کي چيائين اسان پنهنجي ڪوشش ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي بس هڪڙي ڪمي باقي محسوس ٿي رهي آهي ته هاڻي توهان کي ڪو اهڙو استاد ڏيان جيڪو ڳوٺ ۾ شاگردن کي دنياوي تعليم سان گڏ ديني تعليم قرآن شريف به پڙهائي پوءِ مرحوم سائين محمد اسماعيل بجير سوڀيار جيڪو هن وقت هاءِ اسڪول مٺي جي هيڊ ماستر سائين هدايت ﷲ بجير صاحب جو والد صاحب هيو جنهن کي سائين علي شاھ پنهنجن ٻارن ڊاڪٽر امير شاھ، سائين گل محمد شاھ ۽ ٻين کي پڙهائڻ لاءِ سوڀارو شاھ ۾ استاد مقرر ڪرايو هيو ان کي بدلي ڪري ڳوٺ ڊوڙي سميجا ۾ اسڪول تي مقرر ڪيو ويو ۽ استاد رانجهو کي سوڀارو شاھ اسڪول تي مقرر ڪيو ويو ﷲ جي فضل و ڪرم سان 1968 تائين انهن شاگردن جي بينچ پنج ڪلاس پاس ڪرڻ سان گڏ ان مان ڪجھ شاگرد قرآن شريف به مڪمل پڙهي نڪتا
انهن ئي شاگردن مان مرحوم محمد سميجو سڀ کان پهرين ڳوٺ ڊوڙي ۾ عيد نماز جو خطبو ڏئي ڳوٺ ڊوڙي ۾ جماعت سان نماز پڙهائي
ان کان اڳ ۾ هن ڳوٺ جا ڳوٺاڻا جمع ۽ عيد نماز ڀرواري ڳوٺ ڀڪوئو ۾ پڙهڻ ويندا هئا ان کانپوءِ ڪجھ وقت اسڪول وري بند ٿي ويو بعد ۾ وري سائين دريا خان سميجو جوڙوئو کي استاد مقرر ڪيو ويو انهي دوران فضل ھنڱورجو وٽ اسڪول جي ڪجھ عمارتن لاءِ پئسا آيا جنهن مان خان محمد سميجو کي ڳوٺ ڊوڙي جي اسڪول لاءِ 5200 سئو روپيا رقم منظور ڪرائي ڏني ۽ ان وقت ڳوٺ ۾ سرون وجهي پچائي اسڪول جي عمارت تيار ڪئي وئي جيڪا گهڻو وقت نه هلي بعد ۾ انهي پهرين بينچ جو شاگرد سائين محمد مريد سميجو ساڳئي اسڪول تي استاد ٿي آيو جنهن اسان سڀن کي پرائمري پڙهايو ۽ مسجد جو پيش امام پڻ ٿيو 1990 ۾ جڏهن ٿرپارڪر ميرپورخاص ضلعي جو حصو هيو ان وقت بابا سائين علي حيدر سميجو پوليس کاتي ۾ ميرپورخاص ۾ نوڪري ڪندو هيو اهو ڳوٺ کان واپس نوڪري تي وڃي رهيو هيو ته ميرواه گورچاڻي مان بس ۾ عطاﷲ نهڙيو لياکڙو جيڪو ڊاڪٽر مالڪ ۽ پروفيسر آچار عابد جو ڀاءُ آهي اهو سيٽ تي گڏ ويٺو ۽ ڪچهري ڪندا ميرپورخاص پهتا عطاﷲ نهڙيو ان وقت ارباب غلام رحيم صاحب جو پرسنل اسسٽنٽ هيو تنهن چيو ته ڊي سي آفيس وڃان ٿو تعمير وطن پروگرام ۾ ارباب غلام رحيم جي ڪوٽا ۾ اسڪولن جي عمارت لاءِ لسٽ ڏيڻ اگر اوهان وٽ عمارت نه هجي ته نالو لکرائي ۽ ان وقت لسٽ ۾ نالو شامل ڪيو ويو بعد ۾ لانڍي نما ورانڊي سان اسڪول جي نئين بلڊنگ ٻيهر ٺهي راس ٿي ان کانپوءِ وري 2001 واري زلزلي سبب اسڪولن جي مرمت لاءِ آيل پئسن مان هڪ اضافي ڪمرو به ٺاهيو ويو جنهن عمارت ۾ هيئنر گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڊوڙي سميجا هلي رهيو آهي
1964 کان اڄ تائين هن اسڪول تي جيڪي استاد آيا انهن ۾ رانجهو ميگهواڙ، محمد اسماعيل بجير، پارو ميگهواڙ، دريا خان سميجو، سميڙو ڀيل، علي راهمون، مبارڪ ڪنڀر، حبيب ﷲ شاھ، دريا خان لنجو، سالار لنجو ،محمد جمن سميجو سانوڻ سميجو، عبدالغني سميجو ،وردو ٺڪر،محمد يوسف کيبر، عبدالستار سميجو، سالم سميجو ۽ ٻيا شامل آهن هن وقت اسان جي علائقي جي معروف تعليمدان ڪانجي مل ميگهواڙ جو فرزند تيرٿ ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيو آهي

تلوار جيڪا هاڻي صرف فلمن ۽ ڊرامن تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ ان کانسواءِ راجپوت اڄ به پنهنجي گهوٽ کي شاديءَ جي رسمن دوران ت...
13/03/2026

تلوار جيڪا هاڻي صرف فلمن ۽ ڊرامن تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ ان کانسواءِ راجپوت اڄ به پنهنجي گهوٽ کي شاديءَ جي رسمن دوران تلوار هٿ ۾ ڏيندا آهن
پر اها اڄ جي دور جي فينسي تلوار آهي
پراڻي زماني ۾ تلوار پنهنجي جان ۽ مال جي بچاء خاطر ۽ ڪي ماڻهو شوق خاطر پنهنجي گهر ۾ رکندا هيا جيئن اڄڪلھ اسان بندوق پسٽل وغيره جديد هٿيار رکندا آهيون
جديد دور اچڻ ڪري هنن پراڻين شين جو استعمال گهٽجي ويو آهي
اسان وٽ ٿرپارڪر ۾ اڄ به موروثي ورثي جي سنڀال ڪندڙ مخصوص ماڻهن وٽ اهڙيون شيون سنڀالي رکيل آهن
اهڙي ئي طريقي سان گذريل ٻه سئو سالن کان ساه سان سانڍي رکيل موروثي ورثي ۾ تلوار اڄ به اسان وٽ محفوظ آهي توڻي جو سندس مياڻ (چمڙي جو ڪور) ۽ ڍال ڪجھ لاپرواهي سبب اسان وڃائي ويٺاسين پر تلوار باقي بچائي سگهيا آهيون
هن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته
تصوير ۾ نظر ايندڙ هي ننڍڙو راهو سميجو جونيئر راهو جو پڙپوٽو آهي يعني هي ٽيون راهو آهي
جنهن جي اصل هي تلوار آهي

سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وھم وسار هڻ ڀالا وڙه ڀاڪرين آڏي ڍال م ڍار مٿان تيغ ترار مار ته متارو ٿـئين

عبدالرشید سميجو ۽ برڪت علي سميجو جي شاديءَ جون يادگار تصويري جهلڪيون ڪيمرا جي اک ۾ ڪري محفوظ ڪيون ويون آهن14-02-2026 Sat...
16/02/2026

عبدالرشید سميجو ۽ برڪت علي سميجو جي شاديءَ جون يادگار تصويري جهلڪيون ڪيمرا جي اک ۾ ڪري محفوظ ڪيون ويون آهن

14-02-2026 Saturday

عبدالرشید ولد مرحوم محمد اسحاق سميجو ۽ برڪت علي ولد مرحوم غلام حسين سميجو به شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا اسان پاران کوڙ سا...
16/02/2026

عبدالرشید ولد مرحوم محمد اسحاق سميجو ۽ برڪت علي ولد مرحوم غلام حسين سميجو به شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويا اسان پاران کوڙ ساريون واڌايون شال سدائين شاد آباد هجو

14-02-2026 Saturday

31/01/2026

هي اها ڪاڪ آهي جنهن تي مرحوم ميانداد ۽ عيسيٰ سميجو پنهنجو کوھ کڻايو جنهن جو پاڻي مٺو پلر آهي سندن دور ۾ ڪاڪ جي چونئري ۾ مٺي ۽ ٿڌي پاڻيءَ جا مٽ ڀريا پيا هوندا هئا مٺي کان ڦلاڻيء واري گاڏي جي لائن جي ماڻهن جي واٽ به ڪاڪ تان هجڻ ڪري آيو ويو گهورو گهتو پاڻي پي گهڙي کن ساهي پٽيندو هيو
انهي تسلسل کي برقرار رکندي معذور شخص نظرمحمد سميجو وري ان شئي ۾ نئين جان وجهي ڇڏي آهي جنهن جي هڪڙي وڊيو ڪلپ توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي

30/01/2026

جَنِ ڪَرايَنِ ڪَچَ جا، وَرُ ساھيڙُيون سي،
اُتِ اُڪَنڊِي آھِيان، مَنَھَن مارُوءَ جي،
پَکَن سين نَہ پاڙيان، ھَنڌَ هِتي جا هِي،
اَھلَ اَباڻَنِ کي، مَرِي شالَ مَلهائِيان.










29/01/2026





26/01/2026

ڳوٺ ڊوڙي جي ڏهر ۾ قبرستان جي ڀرسان پراڻن ڪاٺن ۽ ڊنگهرن سان ڍڪيل هڪڙو مٽي جو ڍڳ مقامي ماڻهن ڏٺو هوندو اهو رڳو مٽي جو ڍڳ ناهي پر ڳوٺ ڊوڙي جي هڪڙي پوري تاريخ اصلي ڊوڙي تڙ (کوه) آهي جنهن تي پاڻي پيئندي هاڻي ڳوٺ ۾ رهندڙ مختلف ذاتين جي ستين پيڙهي جنم ورتو آهي هي کوھ جيڪو گذريل چاليھ پنجاھ سان کان استعمال هيٺ نه هجڻ ڪري ڪبوترن جو آماجگاہ بڻجي ويو هيو جنهن کي اسان ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ڀيرو ٻيهر اصلي شڪل ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون
انشاء ﷲ هن کوھ بابت مڪمل ڊاڪيومينٽري تيار ٿي رهي آهي جيڪا بعد ۾ توهان جي خدمت ۾ پيش ڪئي ويندي



ڪانجي مل ڀڪوئو اسان جي علائقي جو تمام بهترين معزز استاد جنهن جي فرزند ٿيرت ڪمار اڄ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊوڙي سميجا تي ...
08/10/2025

ڪانجي مل ڀڪوئو اسان جي علائقي جو تمام بهترين معزز استاد جنهن جي فرزند ٿيرت ڪمار اڄ گورنمينٽ پرائمري اسڪول ڊوڙي سميجا تي بطور پرائمري اسڪول ٽيچر طور جوائن ڪيو آهي آهي اسان پاران کيس ڀليڪار ۽ نيڪ تمنائون

08-10-2025 Wednesday

وڃي پيو ڏور ڏيرن کان ڪرهو اڄ ڪيچ ڏي ڪاهياسان جي ڳوٺ ڊوڙي جو مرد مجاهد ۽ اصول پرست شخص اَجو ڀيل (ڪاريندو) به هن فاني جهان...
11/09/2025

وڃي پيو ڏور ڏيرن کان ڪرهو اڄ ڪيچ ڏي ڪاهي

اسان جي ڳوٺ ڊوڙي جو مرد مجاهد ۽ اصول پرست شخص اَجو ڀيل (ڪاريندو) به هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو
ذري گهٽ هڪڙي سئو سالن جي پڄاڻي ٿي

10-09-2025 Wednesday

17/08/2025

سَڄَڻَ سانوڻَ مِينھَن جِئَن، جُهڻڪَنِ پاسي جهوڪَ
ڏِيندا پاھَ پَٽَنِ کي، مَنجهان مِينھَنِ موڪَ
لَسَ پِيارِينِ لوڪَ، آگَمَ ڪِئو اَکِيَنِ سِين.

اسان وٽ رات مينهن وُٺو آهي صبع سوير اسين ڳئوارن سان گڏ مندر واري ٻنيءَ جي ساڄي ڪلهي تي بيٺا آهيون

Address

Village Doori Sameja Uc Bhakou Taluka Mithi District Tharparkar Sindh
Mithi

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when ڳوٺ ڊوڙي سميجا ٿرپارڪر posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share