Awais Khan

Call Contact the business

Awais Khan دنيا اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي ڪوئي ناهي پڙهي سگهيو، ۽ زمانو اهڙو استاد آهي جيڪو سڀُ ڪجهه سيکاري ڇڏيندو آهي�

09/10/2026

ضروري سرڪيولر

محترم والدين، سرپرستن ۽ معزز برادريءَ کي اطلاع ٿو ڏجي ته لاڳاپيل اعليٰ اختيارين طرفان اسڪول ۾ شاگردن جي گهٽ حاضري ۽ اسڪول يونيفارم جي پابندي نه ڪرڻ واري معاملي جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ويو آهي. ان سلسلي ۾ هدايت ڪئي وئي آهي ته 10 نومبر 2026ع تائين شاگردن جي حاضري ۽ اسڪول يونيفارم جي مسئلن کي سنجيدگيءَ سان حل ڪيو وڃي. مقرر وقت اندر گهربل بهتري نه اچڻ جي صورت ۾ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين طرفان سخت ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي ٿي.
تنهن ڪري سمورن والدين ۽ سرپرستن کي گذارش ٿي ڪجي ته پنهنجي ٻارن کي روزانو پابنديءَ سان اسڪول موڪلين ۽ کين مڪمل ۽ مناسب اسڪول يونيفارم ۾ اسڪول اچڻ جو پابند بڻائين. ٻارن جي تعليم، نظم ۽ ضبط ۽ بهتر مستقبل لاءِ والدين جو تعاون انتهائي ضروري آهي.
ساڳئي وقت سمورن ڪلاس ٽيچرن کي سختيءَ سان هدايت ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجي پنهنجي ڪلاسن ۾ شاگردن جي روزاني حاضري ۽ اسڪول يونيفارم جي پابنديءَ تي خاص ڌيان ڏين، غير حاضر شاگردن بابت معلومات حاصل ڪن ۽ والدين سان رابطو ڪري هن مسئلي جي حل لاءِ سنجيده ۽ اثرائتا قدم کڻن، جيئن مقرر تاريخ کان اڳ گهربل بهتري يقيني بڻائي سگهجي.
اسان جو يقين آهي ته اسڪول انتظاميا، والدين ۽ برادريءَ جي گڏيل سهڪار سان ئي معاشري ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي، خاص طور تي توربند هاءِ اسڪول جي تعليمي ماحول کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو.
اچو ته گڏجي پنهنجي ٻارن جي بهتر مستقبل، تعليم جي واڌاري ۽ اسڪول جي ترقيءَ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪريون.

بحڪم: انچارج هيڊ ٽيچر
مجيب الرحمان ڪيهر
گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول توربند، ضلعو شڪارپور

08/09/2026
وسري سارو  لوڪ  شال  نه  وسرین  تون,توکي ڪیڏو  مون، سانڊھیو  آھي ساھ ۾.❤️
01/03/2026

وسري سارو لوڪ شال نه وسرین تون,
توکي ڪیڏو مون، سانڊھیو آھي ساھ ۾.❤️

IIIII
08/02/2026

IIIII

Address

Village Tourband P O Mirzapur Taulka Garhi Yasin District Shikarpur
Karachi
09876

Telephone

+3277040120

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Awais Khan posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Awais Khan:

Shortcuts

Share

Category