Social Team Rahimoon Mumtaz inayat

Call

Social Team Rahimoon Mumtaz inayat Shams deen

تحرير ممتاز عنايت پنهنجي ڪزن لاء لکيلمنهنجي ڪزن، تپيدار عبدالله ولد حاجي سليم جي وڇوڙي تي ڪجهه لفظ…6 سيپٽمبر جي رات 1:51...
15/09/2026

تحرير ممتاز عنايت پنهنجي ڪزن لاء لکيل

منهنجي ڪزن، تپيدار عبدالله ولد حاجي سليم جي وڇوڙي تي ڪجهه لفظ…

6 سيپٽمبر جي رات 1:51 منٽن تي منهنجي ڪزن اميد علي فون ڪري عبدالله جي وڇوڙي جي خبر ڏني. آئون ننڊ ۾ ستل هئس. اوچتو اها خبر ٻڌي اعتبار ئي نه آيو. فوراً سڀني کي جاڳايو ۽ 2:10 منٽن تي ڳوٺ ڏانهن روانا ٿياسين. انهن 15 منٽن ۾ ڪجهه به شيئر نه ڪري سگهيس.

ڳوٺ پهچڻ کان پوءِ مسلسل تڏي تي ويهڻ، ماڻهن جي اچڻ وڃڻ ۽ نيٽ ورڪ نه هجڻ سبب به ڪا پوسٽ رکي نه سگهيس.

اڄ انهن سڀني ڀائرن، دوستن، مٽن مائٽن ۽ علائقي جي انهن ماڻهن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪريان ٿو، جيڪي اسان جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ تڏي تي آيا، جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، پوءِ به اچي همدردي ڪئي ۽ اسان کي حوصلو ڏنو.

جيڪي دوست ۽ مٽ مائٽ اسان وٽ آيا، انهن جا چهرا اڄ به منهنجي اکين اڳيان آهن ۽ هميشه ياد رهندا. اسان جي علائقي جي اها روايت مون کي هميشه وڻندي آهي ته ماڻهو ڏکي وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ٿا ۽ اچي حوصلو ڏين ٿا.

جيڪي دوست ۽ مٽ مائٽ پهچي نه سگهيا، انهن کي به عرض آهي ته مرحوم عبدالله جي بخشش لاءِ ٻه قل شريف پڙهي دعا ڪندا.

الله پاڪ عبدالله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ اسان سڀني کي صبر ۽ حوصلو ڏئي. آمين.

عبدالله مرحوم جي منهنجي والد صاحب سان تمام گهڻي هجت هوندي هئي. ان نسبت سان اسان سان به سندس تمام گهڻي محبت ۽ هجت هئي. منهنجو والد صاحب به خاندان ۾ عبدالله جي ڳالهه کي تمام گهڻو وزن ڏيندو هو. خاندان ۾ ڪو به ڪم هوندو هو ته منهنجو والد صاحب عبدالله جي ذمي ڪندو هو.

عبدالله ۾ ايتري قابليت ۽ دانائي هوندي هئي جو گانڊياڻي خاندان جا اهم فيصلا به سندس صلاح ۽ راءِ سان ٿيندا هئا. هو جيڪو سچ سمجهندو هو، اهو بنا ڪنهن رک رکاءَ جي منهن تي چئي ڏيندو هو. ڪنهن جي خوشامد ڪرڻ بدران سچي ڳالهه ڪرڻ سندس عادت هئي، ۽ شايد انهيءَ ڪري خاندان جا ماڻهو سندس ڳالهه کي وزن ڏيندا هئا.

منهنجي والد صاحب جي زندگيءَ ۾ به ۽ سندس وفات کان پوءِ به، مان ڪيترن ئي معاملن ۾ ٻين ڀائرن کان وڌيڪ عبدالله کان صلاح وٺندو هئس. ڪيترائي ڀيرا هو پاڻ فون ڪري مون کي صلاح ڏيندو هو ۽ مان سندس ڳالهه کي وڏي اهميت ڏيندو هئس.

عبدالله هڪ انتهائي ڪمٽمينٽ وارو انسان هو. جيڪو ڪم يا ڳالهه ڪندو هو، ان تي قائم رهندو هو. هن جو مقابلو ڪنهن ٻئي سان ڪرڻ مناسب ئي نٿو لڳي.

تپيداري جو آرڊر به منهنجي والد صاحب ڏنو هو. هو پنهنجي ڪم سان سچو ۽ ايماندار هو. مون کي ڪڏهن به ڪنهن ماڻهوءَ کان سندس ڪم بابت شڪايت ٻڌڻ ۾ نه آئي. ڪم ٿيڻ جهڙو هوندو هو ته پوري ذميواري سان ڪم وٺندو هو، نه ته صاف ۽ ترت جواب ڏيندو هو.

هن شخص سان منهنجي زندگيءَ جا تقريباً 40 سال گڏ گذريا. ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين مون کي هن سان ڪڏهن به ذري برابر شڪايت نه رهي.

عبدالله ڇاڇري کان منهنجو عمرڪوٽ کان ڳوٺ هر ٻئي هفتي اچڻ وڃڻ ٿيندو هو. جڏهن به ڳوٺ ويندو هئس ته عبدالله سان ٽي ڏينهن صبح شام ڪچهريون ٿينديون هيون. اسان جي وچ ۾ تمام گهڻي هجت هئي. هو منهنجي ڳالهه رکندو هو، مون کان صلاح به ڪندو هو ۽ ايتري عزت ڪندو هو جو پري کان ڏسندي ئي اٿي بيهندو هو.

عمر ۾ هو مون کان وڏو هو، پر اسان جو تعلق صرف مائٽي تائين محدود نه هو؛ هو منهنجي لاءِ هڪ اهڙو پنهنجو ماڻهو هو، جنهن سان دل جون ڳالهيون به ڪري سگهندو هئس ۽ جنهن جي صلاح تي ڀروسو به ڪندو هئس.

هن دنيا ۾ زنده انسان جي قدر شايد ايتري محسوس نه ٿيندي آهي، پر ڪنهن انسان جي وڃڻ کان پوءِ سندس اصل قدر جو اندازو ٿيندو آهي. جنازي نماز ۾ ماڻهن جي شرڪت، تڏي تي ايندڙ ماڻهن جو هجوم ۽ هر چهري تي نظر ايندڙ اداسي ٻڌائي ٿي ته وڇوڙي وارو انسان ماڻهن جي دلين ۾ ڪهڙي جاءِ رکندو هو.

عبدالله جي جنازي ۾ آيل ماڻهن کي به اندازو ٿيو هوندو ته هي شخص پنهنجي علائقي ۽ پنهنجي ماڻهن لاءِ ڪيترو اهم هو.

سچ اهو آهي ته مان ننڍپڻ کان هن سان گڏ رهيو آهيان، تنهنڪري سندس وڇوڙو قبول ڪرڻ مون لاءِ تمام ڏکيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ اهو سوال اڀري ٿو ته زندگي جا باقي ڏينهن هن کان سواءِ ڪيئن گذاريندس؟

گذريل سال 23 سيپٽمبر تي مان ء عبدالله منهنجو وڏو ڀاء نور محمد يامين راهمون عمري لاءِ روانو ٿيا هئاسين. ان سفر دوران وقت تمام خوبصورت گذريو. عبدالله هميشه مون کي چوندو هو:

“اوهان مون کي عمرو ڪرايو، نه ته مان هميشه وڃڻ وڃڻ ڪندو رهندس، پر وڃي نه سگهيس.”

سال پورو ٿيڻ تي مون ٻيهر کيس فون ڪري پڇيو ته حج بابت اوهان جي ڇا مرضي آهي؟ مون چيو ته يامين ۽ حبيب الله وارا حج تي وڃن ٿا. عبدالله چيو:

“ڪجه ڏينهن ۾ جلدي ۾ وري عمري تي وٺي هل، آئون تيار آهيان.”

ٻئي ڏينهن هو عمرڪوٽ آيو. مون صبح فون ڪري ناشتي لاءِ پڇيو ته چيائين:

“ناشتو ڪري چڪو آهيان، ڊاڪٽر جوڌو مل کي ڏيکارڻو آهي.”

هن مٺي جي اين آءِ سي وي ڊي ۾ به چيڪ ڪرايو هو. چوندو هو ته دل جو ڪو مسئلو ناهي. ڊاڪٽر جوڌو مل ٽنڊو محمد خان يا حيدرآباد ۾ ڏيکارڻ جو مشورو ڏنو، پر عبدالله کي مٺي جي اين آءِ سي وي ڊي اسپتال وارن تي اعتماد هو، تنهنڪري اڳتي وڃڻ ۾ سستي ڪئي.

شام جو ڳوٺ روانو ٿيو.

شايد قدرت کي ڪجهه ٻيو منظور هو.

ڳوٺ ڪيرلو پهچڻ وقت مون کي فون ڪئي، پر ڪال نه لڳي. پوءِ واٽس ايپ تي وائس موڪليو، اقبال کيمي جو پار، پنهنجي چاچي غلام ۽ سئوٽ ڪمال جي حوالي سان تمام گهڻي پارت ڪئي. ٻي وائس ڪئي جنهن ۾ پنهنجي ڀيڻيوي عطا محمد ڍورونارو جي به پارت ڪئي.

مون واپسيءَ ۾ صرف “ان شاءَ الله” لکيو، پر اڳتي سگنل نه هجڻ سبب اهو وائس/پيغام به کلي نه سگهيو.

بعد ۾ جڏهن خبر پئي ته هن انهن ماڻهن کي فون ڪري يا روبرو گهرائي چيو هو:

“مون ممتاز کي اوهان جي پارت ڪئي آهي.”

تڏهن مون کي تمام گهڻو اچرج ٿيو.

هاڻي سمجهه ۾ اچي ٿو ته هو ڄڻ آخري موڪلاڻي ڪري رهيو هو.

ڳوٺ ۾ رهڻ دوران جنهن سان به مليو، ان سان اهڙي انداز ۾ موڪلايو، ڄڻ هر ماڻهوءَ کي آخري ڀيرو الوداع چئي رهيو هجي.

هن وڃڻ کان ڪجهه وقت اڳ پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ کي 100 رپيا ڏنا. ڌيءَ وري ضد ڪيو ته وڌيڪ ڏيو. هن ٻيهر 100 رپيا ڪڍي پنهنجي ڌيءَ کي ڏنا ۽ چيائين:

“هي منهنجو آخري شو آهي، هاڻي بس آهي.”

هارٽ اٽيڪ کان اڳ منهنجي ڀاء نور محمد کي گهرايو چيو آئون بلڪل ٺيڪ آهيان گاڏي صرف پنات کان وٺي اچ عمرڪوٽ وڃان صرف شاه م تڪليف آهي، پنهنجي اطمنان ۾ هو ڪو ان کي الڪو نه هو ته آئون هي دنيا ڇڏڻ وارو آهيان،

ان وقت شايد ڪنهن سوچيو به نه هوندو ته اهي لفظ ايتري وڏي حقيقت بڻجي ويندا.

اڄ سندس وڇوڙي کان پوءِ اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ياد اچن ٿيون، جيڪي هاڻي لڳي ٿو ته ڄڻ هو اڳواٽ موڪلاڻي ڪري رهيو هو.

ٻئي عمري ۽ حج جي خواهش سندس دل ۾ هئي، پر اهي خواهشون اڌوريون رهجي ويون.

انسان هن فاني دنيا ۾ اچي ٿو ته زندگيءَ ۾ ڪيترائي غم ۽ خوشيون اچن ٿيون، پر مون عبدالله کي ڪڏهن به پريشان نه ڏٺو. هميشه چهري تي مرڪ هوندي هئي. پنهنجيون خواهشون به مون سان شيئر ڪندو هو.

الله پاڪ کيس هڪ پٽ عطا ڪيو هو، جنهن کي هن وڏي چاهه سان پاليو. سندس هر خواهش پوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.

الله پاڪ سندس پٽ کي همت عطا فرمائي، پيءُ جي ڪمي پوري ڪرڻ جي توفيق ڏئي ۽ عبدالله جي خاندان کي صبر عطا فرمائي.

هن شخص سان منهنجو زندگيءَ جا 40 سال ساٿ رهيو. ننڍپڻ کان وٺي اڄ تائين جون ڪيتريون ئي يادگيريون آهن. جيڪڏهن اهي سڀ لکڻ شروع ڪريان ته هي ڪهاڻي تمام ڊگهي ٿي ويندي.

هر انسان کي هن فاني دنيا مان وڃڻو آهي، پر ڪنهن نوجوان ۽ پنهنجي ماڻهن سان هر وقت کلندڙ، ڳالهائيندڙ ۽ ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيندڙ انسان جو اوچتو وڇوڙو سڄي ڳوٺ کي خاموش ڪري ڇڏيندو آهي.

عبدالله جي وڇوڙي کان پوءِ هر چهري تي مون خاموشي ۽ اداسي ڏٺي. هر ماڻهو سندس ڪمي محسوس ڪري رهيو هو.

هن شخص زندگيءَ ۾ ماڻهن سان کلي ڳالهه ڪئي، هر ڏکي وقت ۾ ماڻهن جو ساٿ ڏنو، هر ڪنهن سان محبت ۽ عزت سان پيش آيو؛ شايد انهيءَ ڪري اڄ سندس وڇوڙي تي هر ماڻهو اداس آهي.

عبدالله جي وڇوڙي فيملي جي سڀني ماڻهن کي پريشان ۽ اندر کان ٽوڙي ڇڏيو آهي. الله پاڪ اسان سڀني کي حوصلو ڏئي ۽ اوهان کي پنهنجي رحمت سان نوازيندي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي.

اوهان کي شايد خبر نه هئي ته اوهان ڪيترين ئي دلين ۾ ڪيتري وڏي جاءِ ٺاهي ڇڏي هئي.

اوهان هميشه ياد رهندا، اوهان جي ڪمي هميشه محسوس ٿيندي.

اوهان جو وڇوڙو آئون برداشت نه ڪري سگهيو آهيان، ۽ نه ئي اوهان کي ڪڏهن وساري سگهندس.

ماما جمن دربدر جي انهن خوبصورت سٽن سان اوهان کي ياد ڪريان ٿو:

وٺي هر جنم وربو
مٺا مهراڻ ۾ ملنداسين
ختم اوندهه ٿي ويندي
چٽي چانڊاڻ ٿي ويندي
مٺا مهراڻ ۾ ملنداسين

پنهنجي جنگ آءٌ جاري
نيٺ ٿيندي سوڀاري
ٿيا جيڪي قوم تان قربان
انهن جا لک احسان

۽ يا وري ديبا سحر جي انهن درد ڀرين لفظن سان:

ٻي خبر ناهي پر مرڻ کان پوءِ
توسان ملڻ جون حسرتون رهنديون،
توسان گڏجڻ جون حسرتون رهنديون،
منهنجي اکين کي ڏسڻ جون حسرتون رهنديون،
زندگي تلخ هجي، نه هجي،
پر توسان ملڻ جون حسرتون رهنديون…

الله پاڪ عبدالله مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي، سندس پٽ ۽ سموري خاندان کي صبر ۽ حوصلو عطا فرمائي.

آمين ثم آمين.

اوهان جو ڀاءُ
ممتاز عنايت راهمون
مهراڻ ويرو

ممتاز عنايت راهمون مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري عوام سان ملاقاتون ڪيون، تعزيتون ڪيون ۽ مختلف دعوتن ۾ شرڪت ڪئي.ڳوٺ ڪٻڙي پهچي جا...
02/09/2026

ممتاز عنايت راهمون مختلف ڳوٺن جا دورا ڪري عوام سان ملاقاتون ڪيون، تعزيتون ڪيون ۽ مختلف دعوتن ۾ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ ڪٻڙي پهچي جاويد ولد عبدالرحمان راهمون جي وفات تي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو. ان موقعي تي الهداد راهمون جي چانهه پارٽي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ سومرن جو پار پهچي ڪامريڊ احمد علي عرف (ڪريو) سومرو جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ وارثن سان ڏک ونڊيو.

ٽائون ڪاميٽي کيمي جو پار، نانگاڻي پاڙو پهچي ادريس راهمون جي والد ۽ دائم راهمون جي چاچي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ ڏک ونڊيو. نانگاڻي پاڙي ۾ تاج محمد راهمون جي ماني جي دعوت ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ ڪالاريو پهچي حاجي قابل راهمون جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته حاميد راهمون جي چانهه پارٽي ۽ فريد راهمون جي ماني جي آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ واڙل پهچي حيات راهمون جي نياڻي جي وفات تي تعزيت ڪئي ۽ وارثن سان ڏک ونڊيو. ساڳئي ڳوٺ ۾ سچل راهمون ۽ لقمان راهمون جي عيادت پڻ ڪئي.

ڳوٺ رڙاڪر پهچي گل حسن منٺار جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي.

ڳوٺ لاکڻيون پهچي فتح علي راهمون جي ماني جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي، جنهن موقعي تي ماستر حاڪم رڙاڪر ۽ ماستر جميل راهمون پڻ موجود هئا.

ان کان پوءِ ٽائون ڪاميٽي پهچي ٽائون کان لاکڻيون ويندڙ رستي تي واري اچڻ سبب بلاڪ ٿيل رستو پڻ بحال ڪرايو، جنهن سان علائقي واسين جي اچ وڃ بحال ٿي.

ڳوٺ ڪيرلو پهچي چودري علاؤدين راهمون جي عيادت ڪئي،

15/08/2026
ممتاز عنايت راهمون حيدرآباد م منظور راهمون ڀاني جو تڙ ، ڀٽو ٿيٻو سهلو جي چانه پارٽي  ۾ شرڪت ڪئي،
15/08/2026

ممتاز عنايت راهمون حيدرآباد م منظور راهمون ڀاني جو تڙ ، ڀٽو ٿيٻو سهلو جي چانه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي،

ممتاز عنايت راهِمون ڄامشورو هائوس پهچي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سان ملاقات ڪئي،  جنهن موقعي تي وڏيرو گل حسن راهمون ، علي ...
15/08/2026

ممتاز عنايت راهِمون ڄامشورو هائوس پهچي ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو سان ملاقات ڪئي، جنهن موقعي تي وڏيرو گل حسن راهمون ، علي راهمون کيرائو، ارشد راهمون موجود هئا،

ممتاز عنايت راهمون، روپاماڙي ريسٽورينٽ قاسم آباد پهچي، علي راهمون کيرائو جي مانيءَ جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حبيب ...
14/08/2026

ممتاز عنايت راهمون، روپاماڙي ريسٽورينٽ قاسم آباد پهچي، علي راهمون کيرائو جي مانيءَ جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي حبيب الله راهمون، يامين راهمون ۽ مقيم چانهيو پڻ شرڪت ڪئي.

ممتاز عنايت راهمون حيدرآباد لطيف آباد پهچي بروهي بلوچستان ريسٽورنٽ تي غني زڪريا راهمون مٺاتڙ پاران ڏنل ماني آجياڻي ۾ شرڪ...
11/08/2026

ممتاز عنايت راهمون حيدرآباد لطيف آباد پهچي بروهي بلوچستان ريسٽورنٽ تي غني زڪريا راهمون مٺاتڙ پاران ڏنل ماني آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن موقعي تي حبيب الله راهمون، سيٺ يامين راهمون، وڏيرو گل حسن راهمون موجودهئا،

Address

Phase 1
Hyderabad
71000

Telephone

+923332513138

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Social Team Rahimoon Mumtaz inayat posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Shortcuts

Share