28/11/2024
تِلْكَ الرُّسُلُ فَضَّلْنَا بَعْضَهُمْ عَلٰى بَعْضٍ١ۘ مِنْهُمْ مَّنْ كَلَّمَ اللّٰهُ وَ رَفَعَ بَعْضَهُمْ دَرَجٰتٍ١ؕ وَ اٰتَیْنَا عِیْسَى ابْنَ مَرْیَمَ الْبَیِّنٰتِ وَ اَیَّدْنٰهُ بِرُوْحِ الْقُدُسِ١ؕ وَ لَوْ شَآءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلَ الَّذِیْنَ مِنْۢ بَعْدِهِمْ مِّنْۢ بَعْدِ مَا جَآءَتْهُمُ الْبَیِّنٰتُ وَ لٰكِنِ اخْتَلَفُوْا فَمِنْهُمْ مَّنْ اٰمَنَ وَ مِنْهُمْ مَّنْ كَفَرَ١ؕ وَ لَوْ شَآءَ اللّٰهُ مَا اقْتَتَلُوْا١۫ وَ لٰكِنَّ اللّٰهَ یَفْعَلُ مَا یُرِیْدُ۠
اهي سڀ پيغمبر آهن. انهن مان هڪڙن کي ٻين تي فضيلت آهي جنهن سان خدا ڳالهايو ۽ ڪن جا درجا بلند ڪيائين ۽ اسان عيسى پٽ مريم جن کي ڪهڙا نه ظاهر معجزا عطا ڪيا، پڻ کيس پاڪ روح سان مدد ڏني سون. ۽ جيڪڏهن الله گهري ها ته، اهي ماڻهو جيڪي انهن (نبين) کان پوءِ هئا سي وٽن پڌرن دليلن اچڻ کان پوءِ پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها پر اختلاف ڪيائون. پوءِ انهن مان ڪنهن ايمان آندو ۽ ڪنهن ڪفر اختيار ڪيو. ۽ جيڪڏهن خدا گهري ها ته پاڻ ۾ جنگ نه ڪن ها. پر خدا جيڪي چاهي ٿو سو ڪري ٿو.
سورة الۡبَقَرَۃِ آيت 253
سنڌسلامت پيغامِ قرآن ( ڊجيٽل قرآن پروجيڪٽ پورٽل)، نِج سنڌي ٻوليءَ ۾ پهرين آنلائن قرآن شريف جي ويبسائٽ، جتي مختلف مڪتبه فڪر جا سنڌيءَ ۾ ڪيل قرآن الڪريم جا ترجما موجود ....