14/06/2026
ٿري چين ۾ به ملهه ماري ويا!
ٿرپارڪر لاءِ اعزاز
ٿرپارڪر جي باصلاحيت نوجوانن هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي محنت، لگن ۽ تعليمي جذبي سان نه صرف پنهنجي خاندانن پر پوري علائقي جو نالو روشن ڪيو آهي. چائنا ۾ ڊپلوما حاصل ڪرڻ لاءِ ويل نوجوانن مان چار شاگردن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي بهترين پوزيشنون حاصل ڪيون آهن، جيڪا يقيناً فخر ۽ خوشيءَ جو مقام آهي.
🏅 ڪامياب شاگرد:
انيل ڪمار ميگھواڙ ،ڳوٺ پاٻوھر ،ٿرپارڪر سنڌ.
– 2nd Position (91.4%)
ڪليش لکاڻي ميگھواڙ ،ڳوٺ ھيلاريو پير ،ٿرپارڪر سنڌ
– 3rd Position (89.09%)
جواھرلال ميگھواڙ،ڳوٺ ھيلاريو پير ،ٿرپارڪر سنڌ.
– 2nd Position (90.62%)
پرويز ساجناڻي ميگھواڙ، ڳوٺ ھيلاريو پير، ٿرپارڪر، سنڌ.
– 3rd Position (89.61%)
اهي ڪاميابيون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ٿرپارڪر جا نوجوان تعليم جي اهميت کان ڀرپور آگاهه آهن ۽ دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ پنهنجي قابليت جو لوها مڃرائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پنهنجي وطن هجي يا پرديس، اعليٰ پوزيشنون حاصل ڪرڻ لاءِ مسلسل محنت، عزم ۽ لگن ضروري آهن.
اسان جو مقصد ڪنهن سان مقابلو ڪرڻ نه، پر علم ۽ تعليم جي ذريعي پنهنجي ۽ پنهنجي سماج جي مستقبل کي روشن بڻائڻ آهي، ڇاڪاڻتہ اسان وٽ ترقي ۽ خوشحالي جو سڀ کان بهتر رستو تعليم ئي آهي.
اسين چئني نوجوانن کي دل جي گهراين سان لک لک واڌايون ڏيون ٿا، سندن روشن مستقبل لاءِ نيڪ تمنائون. 🌹📚✨
Pride of Tharparkar in China 🇨🇳
At the final examination of Pingdingshan Polytechnic College, Henan Province, China, four students from Tharparkar achieved outstanding positions.
🥈 Aneel Kumar from Village Pabuhar, Mithi, Tharparkar secured a top position.
🏅 Three other position holders belonged to Helaryo Pir, Tharparkar, making the region proud through their hard work and academic excellence.
Their success is a source of inspiration for the youth of Tharparkar and a testament to dedication, perseverance, and the pursuit of quality education abroad. 🇵🇰🤝🇨🇳