Maqbool Salkhani Rahimoon

Maqbool Salkhani Rahimoon Maqbool Salkhani Rahimoon

08/02/2026

⚔️.......⚔️:::نڀائڻ وارا خطائن کي ناھن ڏسندا
۽ ڇڏڻ وارا وري وفائن کي ناھن ڏسندا،

اچھی تربیت کا اَصل امتحان تب ہوتا ہےجب آپ جواب دینے کی طاقت رکھتے ہوںمگر پھر آپ لِحاظ میں خاموش رہ جائیں. *🖤🥀
08/02/2026

اچھی تربیت کا اَصل امتحان تب ہوتا ہے
جب آپ جواب دینے کی طاقت رکھتے ہوں
مگر پھر آپ لِحاظ میں خاموش رہ جائیں.
*🖤🥀

18/10/2024

💗اَلسؔـــــــــــــــــلام وعَلَیکم💗🤝

🕋🌷 ❤ 🌷🕋

🕌💗جمعہ مبارک 💗🕌
صبح بخیر🌹❤🌹
💗💗ﷲ ربـــــــ الــــــعــــزت 🕋مُجھے اور آپ سب کو آسمان کے ستاروں
اورسمندرکی لہروں سے بھی
زیادہ خوشیاں نصیب کرے۔۔
اَمِين🤲🏻 يَا رَبَّ الْعَالَمِيْن
پریشانیاں ہر ایک کی زندگـی میں موجـود ہیں، کوئی بھـی ایک مکمـل پرفیکٹـــ زندگی نہیـں گزار رہا۔۔۔، 💗💗

💗بس فرق وہـــاں پہ آتـا ہــے جب انســان اپنے معاملات اللہ کــے حوالے کرتــا ہے اور مطمئن ہوجاتــا ہے

💗اے اللّٰـــــہﷻ💗

💗💗ھمارے ہر دن کو بابرکت دن بنا اور ھم سب کو اپنی رحمتوں کے دروازے سے ڈھیروں خوشیاں، کشادہ رزق، دراز، عمر، اچھی صحت، کامل ایمان اور اپنی عافیت والی بندگی عطاء فرما،🤲💗💗

🤲 آمیـــــــــــــن ثـــــــمّہ آمــــــیــــن یَارَبَّ الْعَالَمِينَ❣

وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَلِيًّا وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ نَصِيرًااور خدا ہی کافی کارساز ہے اور کافی مددگار ہےMaqbool Salkhani Rahi...
08/10/2024

وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ وَلِيًّا وَكَفَىٰ بِٱللَّهِ نَصِيرًا

اور خدا ہی کافی کارساز ہے اور کافی مددگار ہے
Maqbool Salkhani Rahimoon

کوشش کیجئے مثبت (positive) سوچیں، منفی (Negative) سوچنا چھوڑ دیجئے کیونکہ مثبت سوچنے والا پرسکون رہتا ہےاور منفی سوچنے و...
07/06/2024

کوشش کیجئے مثبت (positive) سوچیں،

منفی (Negative) سوچنا چھوڑ دیجئے

کیونکہ

مثبت سوچنے والا پرسکون رہتا ہے

اور منفی سوچنے والا بے چین رہتا ہے۔

مسافر صدين کان ستو ناھيتصوير ۾ اکيون شاھدي ڏين پيون ...
06/06/2024

مسافر صدين کان ستو ناھي
تصوير ۾ اکيون شاھدي ڏين پيون ...

04/06/2024

اڄوڪي جيجل اخبار شايع ٿيل مضمون پڙھي راء ڏجو

*ممتاز راهمون*

*ٿر ۾ اڃ جي ڪهاڻي ڪٿي ڪندي پڄاڻي!*

ٿر جنهن جو نالو وٺڻ سان ئي کوهن مان پاڻي هٿن سان ڇڪي ڪڍي مٿي تي ٻهلڙا کڻي ويندڙ پاڻيهاريون، اٺن، گڏهن تي پانڄاريون ۽ پاڻي سان ڀريل ٽيوب، ڳوٺن ۾ پاڻي جي واري جي انتظار ۾ کوهن تي ويٺل ڳوٺاڻا، ڪاري رات جو پاڻي جي کوهن تي بتين جي جهرمر، جهڙا منظر دل ۽ دماغ تي تري ايندا آهن ٿر جي منظرنامي تي هي ڀوائتا ۽ ڏکن اذيتن، پيڙائن سان ڀريل منظر مٽي نه سگهيا آهن توڻي جو جديد دئور ۾ ترقي مختلف شڪلن ۾ اينڊرائيد موبائل فون ، گاڏيون ۽ پڪن رستن توڙي پڪن گهرن جي انڱ ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيڻ ۾ بظاهر نظر اچي رهي آهي . هر دئور جون حڪومتون ته دعوائون اهڙيون ٿيون ڪن جي ڪو پرديس ۾ ويهي ٻڌنڌو ته واقعي ٿر تبديل ٿي ويو آهي انساني زندگي ۾ آسودگي اچي وئي آهي. پر حقيقت هڪ ڀوائتي خواب جهڙي آهي جنهن ۾ زندگي جي مرجهايل چهري تي اڃ اگهاڙا ۽ اوڇا ٽهڪ ڏئي رهي آهي، ٿر کان بئراج تائين صرف پاڻي لاءِ پيرين پنڌ ڪندڙ ٿر جي ماڻهون کي ڀلا آخرڪار ڪڏهن سندس در تائين پيئڻ لائق پاڻي نصيب ٿيندو. هي هڪ اهڙو پيچيده ۽ منجهيل سوال آهي جنهن جو جواب شايد ڪنهن به منصوبي ۾ موجود ناهي. اچو ته ٿر ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ حڪومتي سطح تي ٿيندڙ ڪوششن ۽ ميگا منصوبن جو ٿورو جائزو وٺون، سازدا ڪمپني. ٿر ۾ سوين کوھ ۽ ٽيوب ويل لڳايا جرنل مشرف واري زماني ۾ هڪ منصوبو شرو ٿيو پائيپ لائين وسيلي ٿر تائين مٺو پاڻي پهچائڻ جو جيڪو مڪمل ٿي ويو، ارباب غلام رحيم جي دئور ۾ وڏا ٽيوب ويل لڳايا ويا . ساڳي وقت ضلعي حڪومت، چونڊيل نمائندن هزارن جي تعداد ۾ کوھ کوٽرايا ان اسڪيمن تي ڪروڙين روپيا لڳايا ويا ان لاءِ ته پاڻي جو مسئلو آهي، کوھ ناهن ٿر ۾ اڃ ختم ڪرڻ لاءِ کوھ ضروري آهن. پوءِ کوهن کوٽرائڻ جو سلسلو سن 2000 کان 2015 تائين تيزي سان جاري رهيو ان اسڪيمن تي حڪومت تمام گهڻو خرچ ڪيو پر پاڻي لاءِ ٿر ۾ رڙ ايندي رهي. تنهن کانپوءِ سنڌ حڪومت کاري پاڻي کي مٺو ڪرڻ واسطي هڪ لک ڳيلن ۽ 75 هزارن ڳيلن جا پلانٽ لڳائڻ شروع ڪيا، مٺي ۾ ايشيا جو سڀ کان آر او پلانٽ لڳائي ان جو افتتاح وڏي شان ۽ مان سان ڪيو ويو خير 2014 کان 800 آر او پلانٽ ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ لڳائڻ جو 8 اربن کان وڌيڪ لاڳت جو منصوبو شروع ڪيو ويو جنهن جو ٺيڪو پاڪ اوسيئين نالي خانگي ڪمپني کي ڏنو ويو. ان منصوبي ۾ 237 آر او پلانٽ ڏھ سال گذرڻ باوجود پبلڪ هيلٿ کاتي حوالي نه ٿي سگهيا آهن، اها ڪمپني ڪيڏانهن وئي ڪا خبر نڪي چار ان وچ ۾ ان پلانٽن کي هلائڻ لاءِ مختلف وقتن تي ڪڏهن خانگي ڪمپنين ته ڪڏهن سنڌ حڪومت جي پبلڪ هيلٿ کاتي کي ساليانو اربين روپيا جاري ٿيندا رهيا آهن پر ٿر ۾ پيئڻ لائق پاڻي جو خواب ساڀيان نه ٿي سگهيو اهي پئسا ڪٿي خرچ ٿا ٿين آر او پلانٽ فني خرابين سبب مڪمل طور بند ٿيڻ طرف وڌي رهيا آهن ٿر ۾ هن منصوبي کي "آر او پلانٽن جي قبرستان وارو منصوبو" ڪري سڏيو پيو وڃي جلد ڪنٽينرن جا ڍانچا به ٿر مان غائب ٿيڻ وارا آهن . ان کان علاوه ٿر ۾ مٺو پاڻي پائيپ لائين وسيلي پهچائڻ لاءِ هڪ ٻي وڏي منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي جنهن جي لاڳت به 30 ارب تائين ٻڌائي پئي وڃي 2014 کان 2024 تائين هن ڏهن سالن ۾ تقريبن سڀني چونڊيل نمائندن، ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي فنڊن يونين ڪائونسلن جي چيئرمين سڀني جي ملائي ڪري اربين روپيا جا سولر ثمرسيبل پمپ لڳرايا آهن. ضلعي ڪائونسل پوئين پنجن سالن ۾ هڪ ارب ست ڪروڙ روپين جي مختلف اين آء ٽيز ۾ سوين اسڪيمون ڏنيون ويون، هن سان به اڌ ارب جون پاڻي اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن. ان کان علاوه غير سرڪاري ادارن، عالمي ادارن به تمام گهڻو ٿر ۾ پاڻي جي مد ۾ خرچ ڪيو آهي هاڻي ته وري ٿر ڪئنال منصوبي تي ڪم شروع ٿي ويو آهي جنهن جي لاڳت جو اندازو به نٿو لڳائي سگجهي. پوئين ٻن ڏهاڪن ۾ ٿر ۾ پاڻي لاءِ حڪومتي سطح تي ٿيندڙ ڪمن جا سمورا تفصيل جيڪڏهن سامهون اچي وڃن ته سموري دنيا پريشان ٿي ويندي ته ايڏو خرچ ڪرڻ باوجود 18 لک انسانن کي پيئڻ جو پاڻي ڇو نه ملي سگهيو آهي. مجموعي طور ٿر ۾ پيئڻ لائق پاڻي اڄ به موجود ناهي، ٿر جو ماڻهون پيئڻ جي پاڻي لاءِ ڪشالا ڪاٽي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪو ملڪي يا عالمي تحقيقاتي ادارو صحيح نموني جاچ ڪري ته اسان جي چونڊيل نمائندن ۽ بيوروڪريسي جو وڏو انڱ هن ڪاري ڌنڌي ۾ قابو ٿي سگهي ٿو، ٿر ۾ اڃ چونڊيل نمائندن سياستڪارن ۽ بيوروڪريسي لاءِ وکر بڻجي وئي آهي، منرل واٽر واپئيندڙ مافيا ٿر ۾ پاڻي جي نالي تي ڪامياب ڌنڌي مان ارب پتي بڻجي وئي آهي پر ٿر جو ماڻهون اڄ به اڃ اجهائڻ لاءِ دربدر آهي ايڏين ڪوششن ۽ سرڪار جي خزاني جو استعمال ڪرڻ باوجود جيڪڏهن پاڻي ٿر ۾ ناهي ته اها ڪوتاهي ڪنهن جي کاتي ۾ ليکي ويندي . پاڻي جي فراهمي لاءِ ڪا جامع منصوبابندي نه ڪرڻ پويان ڪهڙا سبب آهن?
هاڻي ضرورت هن ڳالھ جي آھي ته اسان جي چونڊيل نمائندن کي هن سموري منظرنامي ۾ روزگار، پنهنجا نواز، اقرباپرروي، ڪرپشن واري پاليسي ڇڏي، ٿر جي ماڻهن تي رحم ڪرڻ واسطي ڪا جامع منصوبابندي ڪرڻ گهرجي پاڻي جي ماهرن ۽ مقامي ماڻهن جي گڏيل راءِ سان ڪو جامع پلان جوڙين جنهن سان هڪ ڀيرو ئي خرچ ٿئي ۽ اهو سجايو وڃي، اسان جي سول سوسائٽي، چونڊيل نمائندن ۽ سڀني سڌ ٻڌ وارين ڌرين جو خيال آهي ته ٿر ڪئنال منصوبو ئي واحد حل آهي. انڪري هر پاسي کان ٿر کي ڪئنال ڏيو جو مطالبو زور وٺي رهيو آهي، شايد اسانجي ماڻهن کي هن منصوبي کان بيخبر رکيو ويو آهي هاڻي اچو ته ٿر ڪئنال واري منصوبي تي روشني وجهون. منهنجي ڄاڻ مطابق ته ٿر ڪئنال وارو مطالبي تي واپڊا اختيارين ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي ان جي فزيبليٽي رپورٽ به ٺهي چڪي آهي پر اهو ڪم به بند ڪمري ۾ سرانجام ڏنو پيو وڃي جنهن سان شايد ٿر جي ماڻهن کي ڪو خاص فائدو نه ملي سگهي ۽ اسان جي اڃ وري به نه ڄاڻ ڪيترن جي بک ختم ڪندي رهندي. هن منصوبي جي فزيبليٽي کان اڳ پبلڪ هيئرنگ ٿيڻ گهرجي، ٿر جي ماڻهن جي راء کي مد نظر رکندي ٿر ڪئنال کي ڪامياب منصوبو بڻائجي ته جئين ٿر ۾ پيئڻ جو پاڻي ملي سگهي ۽ ٿر ۾ اڃ جي ڪهاڻي آخرڪار ڪٿي ته پڄاڻي تي پهچي.
ڪاپي

صرف ٿر جا %10 فيصد ماڻھو اهي پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکن تڏھن بہ گهڻو ڪجھ ٿي سگهي ٿو. هن وقت نوجوانن جي اڪثريت وٽ ٽچ موبائل...
30/05/2024

صرف ٿر جا %10 فيصد ماڻھو اهي پوسٽون سوشل ميڊيا تي رکن تڏھن بہ گهڻو ڪجھ ٿي سگهي ٿو. هن وقت نوجوانن جي اڪثريت وٽ ٽچ موبائل فون آهي ۽ سوشل ميڊيا تي پڻ دسترس رکن ٿا، ميٽرڪ کان وٺي يونيورسٽي سطح تائين شاگرد اگر جيڪڏهن مثبت سوچ سان ٽرينڊ هلائي عوامي اصل مسئلن کي اجاگر ڪن تہ گهڻو ڪجھ ڪري سگهن ٿا. پر افسوس اسانجا دوست پوسٽ رکڻ تہ ٺھيو، ان تي هڪ نظر ئي نٿا ھڻن. صرف هڪ هڪ پوسٽ رکو سڀني دوستن تي فرض آهي.
هن وقت ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقہ ڇاڇرو سميت سموري ٿر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد قلت آهي. اسين هٿ ٻڌي عرض ٿا ڪريون، ميڊيا جي دوستن ۽ سماجي اڳواڻن کي گذارش ٿا ڪيون تہ مهرباني ڪري انهي اهم مسئلي تي ڪجھ آواز اٿارین.🙏
جي ٿي سگهي تہ منهنجي ٿر کي ٿورو پاڻي ڏيو.©️

07/05/2024

پنھنجو ڪمائي مون کي تہ نہ کارائيندو نہ مون کي تہ نہ ڏيندو نہ مان بار بار ڪاروبار جي حوالي سان ان لاء چوندو آھيان ۽ ان لاء پوسٽ رکندو آھيان جو ھر اولاد جي ماء پئ کي پنھنجي اولاد مان لکين اميدون ھونديون آھن ته اسان جو اولاد اسان جي خدمت ڪندو ، اسان کي حج ۽ عمرو ڪرائيدو انھن اميدن کي پورو ڪرڻ لاء ڪجھ ڪرڻو پوندو ، محنت ڪرڻي پوندي ، جستجو ڪرڻو پوندو ، ڊگريون توھان کي محنت ۽ ڪاروبار ڪرڻ کان نه ٿيون روڪن
ان لاء ڪاروبار جي طرف اچو پنھنجا مالڪ پاڻ ٿيو
اجايو گھر ويھڻ کان ٻين جي اوطاقن تي ويھڻ کان ھوٽل تي ويھڻ کان ڀلو آ ته پنھنجو ڪاروبار ڪجي
نوڪري پئسن سان آھن جيترا پئسا توھان نوڪري لاء ٿا ڏيو ان کان ڀلو اٿو ته انھن پئسن جو ڪاروبار ڪيو
ھن دنيا ۾ان ماڻهوءَ جي ڪا به عزت ناھي
جنھن وٽ پئسا ناهن
جيترا پئسا اوتري عزت
ان لاء پئسا ڪمائڻ ضروري آھن نوڪري پئسن سان آھن جيترا پئسا توھان نوڪري لاء ٿا ڏيو ان کان ڀلو اٿو ته انھن پئسن جو ڪاروبار ڪيو
والدين صرف رشوت واريون نوڪرين جي لاء پنهنجي ٻارن جو ذھن ٿا ٺاهين هاڻي پنهنجو ذھن تبديل ڪيو ڪاروبار طرف اچو
ڪو به ڪاروبار ننڍو ناھي ھوندو اسان جي سوچ ننڍي ھوندي آھي ان ڪري اسان پنھنجي ئي سوچ اندر تمام گھڻو منجھل دٻيل ۽ پريشان آھيون ...مزدوري ڪرڻ يا پورھيو ڪرڻ ۾ ڏوھ آهي ڇا
ڪوشش ڪريو ننڍو ئي ليڪن پنهنجو ڪاروبار ڪيو بجاءِ ڪنهن جا ملازم يا ماتحت ٿيو نوڪري خاندان پالي ٿي پر ڪاروبار نسل پالي ٿو انڪري نوڪرين آسري ويھڻ بجاء ھلڪو ڦلڪو ڪاروبار شروع ڪري اڳيان وڌو نوڪري لاء ڪنھن قابلي سردارن، وڏيرن جي اوطاقن تي چمچا گيري کان ھزار ڀيرا بزنس ڀلو اٿئو•••ڪنهن جي غلاميءَ کان بهتر آهي ته پنهنجو ڪاروبار ڪجي...
مولا سلامت رکي 🙏

ماڻهن لاءِ انسانيت ۽ احساس رکو،🌹⁦✌️⁩باقي ملڪيت تہ نِمرُود وٽ بہ گھڻي هئي #ٿر  #ڪول  #اسلامڪوٽ
01/05/2024

ماڻهن لاءِ انسانيت ۽ احساس رکو،🌹⁦✌️⁩
باقي ملڪيت تہ نِمرُود وٽ بہ گھڻي هئي

#ٿر #ڪول #اسلامڪوٽ

Address

Chachro

Website

Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Maqbool Salkhani Rahimoon posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Share

Category